Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
سندس هٿ پڪڙي وٺندو آهي،([1]) يعني الله پاڪ سندس مددگار ٿيندو آهي جو ان کي هلاڪت ۾ پوڻ کان بچائي وٺندو آهي([2]).* جنت سخي ماڻهن جو گهر آهي. ([3])* سخي الله پاڪ جي ويجهو آهي، جنت جي ويجهو آهي، ماڻهن جي ويجهو آهي باهه کان پري آهي. ([4])
پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جي چوٿين بنياد خيرخواهي آهي، يعني الله پاڪ جي مخلوق لاءِ هميشه خير ئي چاهڻ، ڪنهن جي باري ۾ به اسان جي دل ۾ بُرائي نه اچي، اسان صرف سڀني جي لاءِ ڀلائي جا ئي طلبگار آهيون. حديث پاڪ ۾ آهي: خَیْرُالنَّاسِ مَنْ یَّنْفَعُ النَّاسَ يعني ماڻهن ۾ سڀ کان بهتر اهو آهي، جيڪو ماڻهن کي نفعو پهچائي.[5]
هڪ تمام خوبصورت حديث پاڪ مان اوهان کي ٻڌايان ٿو. صحابي ابن صحابي حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما هن حديث جا راوي آهن. سندن فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر هئاسين، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابہ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم کان هڪ سوال پڇيو، فرمايائون: اِنَّ مِنَ الشَّجَرِ شَجَرَةً لاَ يَسْقُطُ وَرَقُهَا، وَ اِنَّهَا مَثَلُ المُسْلِمِ،
[1]... شعب الایمان ، باب فی الجودو السخاء ،جلد:7،صفحہ:433، حدیث :10867۔
[2]... اتحاف السادة المتقین،جلد:9، صفحہ:725ملخصاً ۔
[3]... فردوس الاخبار،جلد:1، صفحہ:333، حدیث:2430۔
[4]... ترمذی، کتاب البر والصلۃ، باب ما جاء فی السخاء، صفحہ:479، حدیث:1961۔
[5] کنز العمال، کتاب المواعظ و الرقاق، جز :16 ،جلد:8 ،صفحہ:54 ،حدیث:44147