Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
۾ به اهڙا ڪم ڪرڻ سان پاڙيسريءَ جي ننڊ ۾ خلل پئجي سگهي ٿو. تنهنڪري اهڙا ڪم ڏينهن جي وقت ۾ ڪيا وڃن جيئن پاڙيسرين کي تڪليف نه ٿئي.
پڑوسی کو بھائی! نہ ہر گز ستانا وگرنہ جہنّم بنے گا ٹھکانا
الله پاڪ جي هڪ نيڪ ٻانهي جي گهر ۾ هڪ ڀيرو ڪُوا اچي ويا، سندس دوستن صلاح ڏني ته توهان پنهنجي گهر ۾ هڪ ٻلي پاليو! الله پاڪ جي ان نيڪ ٻانهي چيو: مون کي اهو خوف آهي ته ٻليءَ جو آواز ٻڌي، ڪُوا پاڙيسرين جي گهرن ۾ نه گِهڙي وڃن، ايئن مان پنهنجي پاڙيسرين لاءِ اها ڳالھ پسند ڪندڙ ٿي ويندس، جيڪا آئون پاڻ لاءِ پسند نٿو ڪريان[1].
الله اڪبر! الله پاڪ اسان جي بزرگن تي رحمت فرمائي، اهي تقوٰي ۽ پرهيزگاري جون ڪيتريون عظيم مثالون قائم ڪري ويا. افسوس! اڄڪلهه اسان وٽ ته پاڙيسرين لاءِ اهو ئي پسند ڪيو ويندو آهي، جيڪو پاڻ کي پسند نه هجي. * ڪير پنهنجي گهر ۾ ڪچرو رکڻ پسند ڪندو آهي؟ پر ڪچرو رکڻ جي جاءِ پري هوندي آهي، انڪري پاڙيسري جي دروازي تي ئي رکي ڇڏيندا آهن. * خواتين گهر جو فرش ڌوئينديون آهن، ظاهر آهي گندو پاڻي پنهنجي صحن ۾ جمع ڪرڻ ته پسند ناهي هوندو، تنهنڪري گهٽيءَ ۾ وهايو ويندو آهي، جنهن سان گهٽيءَ ۾ گپ به ٿي ويندي آهي، گذرڻ وارن کي تڪليف ٿيندي آهي. اهڙيون ڪيئي صورتون آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي لاءِ اهي شيون پسند ناهن ڪندا، پر پنهنجي پاڙيسرين کي انهن ۾ مبتلا ڪري رهيا هوندا