Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
روزو رکندي آهي، تمام نيڪ آهي، صدقو خيرات به ڪندي آهي پر هوءَ پنهنجي زبان سان پاڙيسرين کي تڪليف ڏيندي آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَاخَیْرَ فِیْہا اُن ۾ ڪا ڀلائي ناهي ہِیَ مِنْ اَہْلِ النَّارِ اها جهنمين مان آهي. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم هڪ ٻي عورت جو ذڪر ڪندي عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! فلاڻي عورت فرض نمازون پڙهندي آهي، پنير صدقو ڪندي آهي ۽ ڪنهن کي به تڪليف ناهي پڄائيندي. ارشاد فرمايائون: ہِیَ مِن ْ اَہْلِ الْجَنَّۃِ اها جنّتي عورت آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! اَڄ هن حديث شريف تي باربار غور ڪرڻ جي حاجت آهي...! ٿورو سوچو ته سهي! جيڪو پنهنجي پاڙيسري کي تڪليف پهچائيندو آهي، اهو ڪيتري قدر نقصان ۾ آهي پر افسوس! اسان وٽ هن ڳالھ جو خيال ئي ناهي رکيو ويندو * ماڻهو پنهنجي گهر جو ڪچرو کڻي پاڙي جي دروازي تي رکي ڇڏيندا آهن* گهر ۾ اڪثر شور مچائيندا آهن * شور ڪندا آهن ۽ ان ڳالھ جي پرواھ ناهن ڪندا ته اسان جي شور سان پاڙيسري کي تڪليف ٿي سگهي ٿي * ڪنهن جي گهر ۾ شادي هجي ته ڄڻ پاڙيسريءَ جي ننڊ حرام ٿي وئي، هڪ ته ڳائڻ وڄائڻ جو گناهه، وري وڏا وڏا اسپيڪر رکي زوردار آواز ۾ هلائيندا آهن، ڪنهن کي تڪليف ٿئي، ڪو ويچارو بيمار آهي، ان کي تڪليف ٿئي، ننڍڙن ٻارن جي ننڊ ڦٽي وڃي، انهن کي ڪا پرواهه ناهي هوندي آهي. * ڪي ماڻهو رات جي وقت گهر ۾ شور وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيندا آهن، جيتوڻيڪ اهو گناهه نه هجي پر رات جي وقت پنهنجي گهر