Book Name:Hum Aur Social Media
الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پهچي وڃن (يعني خبر ناهي زندگي ڪيتري باقي آهي، ان ڪري مونکي گهڻي کان گهڻيون نيڪيون جمع ڪرڻيون آهن، هي جلدي آهي.) (حفظ العمر، ص:۴۹)
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي هئا الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، آخرت جي تياري ڪرڻ وارا ماڻهو...!! اسان وٽ ته وقت ئي وقت آهي، ٻه چار ڪلاڪَ ته سوشل ميڊيا تي ائين ئي فضوليات ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون، افسوس! اسان کي وقت جو قدر ناهي رهيو پر ياد رکندا! زندگي ڪهڙن ڪمن ۾ گذاري آهي، قيامت جي ڏينهن ان جو حساب ڏيڻو پوندو.
علامه اِبنِ جوزي رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري حضرت منصور بن عمّار رحمةُ اللهِ عَلَيْه خليفه عبدُ الملڪ بن مَروان وٽ تشريف وٺي آيا، خليفي چيو: اي منصور! مان اوهان کي هڪ سال جو وقت ڏيان ٿو، هڪ سوال جو جواب ڳولي ڪري آڻيندا! اهو سوال هي آهي ته سڀ کان وڌيڪ عقل مند ڪير آهي؟ ۽ سڀ کان وڌيڪ جاهل ڪير آهي؟ عبدُ المَلِڪ بن مروان جو سوال ٻڌي ڪري حضرت منصور بن عمار رحمةُ اللهِ عَلَيْه واپس موٽي ويا، اڃان دروازي جي ويجهو ئي مَس پهتا هئا ته موٽي آيا. عبدُالمَلڪ بن مروان چيو: واپس ڇو آيا آهيو؟ فرمايائون: جواب ملي ويو آهي، اهو هي ته سڀ کان وڌيڪ عقل مند اهو آهي جيڪو نيڪيون به ڪري ۽ الله پاڪ کان ڊڄندو به رهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ جاهل اهو آهي جيڪو گناھ ڪري، پوءِ به پاڻ کي عذاب کان محفوظ سمجهي. هي عبرت انگيز جواب ٻڌي ڪري عبدُ الملڪ بن مروان تي رقت طاري ٿي وئي، ايترو رُنا، ايترو رُنا جو ڳوڙهن سان ڪپڙا آلا ٿي ويا. پوءِ چيائين: اي منصور خُدا جو قسم! اوهان صحيح چيو. پوءِ چيائين: اي منصور! قرآنِ ڪريم جي ڪا آيت ٻڌايو! حضرت منصور بن عمار رحمةُ اللهِ عَلَيْه هي آيتِ ڪريمه تلاوت ڪئي: