Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

هن جو ڇا مطلب آهي؟ فرمايائون: قيامت جي ڏينهن هر ننڍو، وڏو گناھ ٻانهي جي سامهون ڪيو ويندو. هي ٻڌي ڪري عبدُالملڪ بن مروان وري رُنو، ايستائين جو انهن تي بيهوشي طاري ٿي وئي جڏهن هوش آيو ته چيائين: الله پاڪ جو قسم! جيڪو هن آيت ۾ غور ڪري، پوءِ به الله پاڪ جي نافرماني ڪندو رهي، بيشڪ اها وڏي گُمراهي آهي.[1]

خُدائے قَہّار ہے غضب پر، کُھلے ہیں بدکاریوں کے دفتر

بچا لو آ کر شفیعِ مَحْشَر تمہارا بندہ عذاب میں ہے ([2])

 الله پاڪ اسان تي ڪرم فرمائي! ڪاش! اسان پنهنجي وقت جو قدر ڪرڻ، پنهنجو هي قيمتي اثاثو نيڪ ڪمن ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون. 

بدنگاھي  عام ٿي رهي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! سوشل ميڊيا جي وڏن وڏن نقصانن مان هڪ وڏو نقصان هي آهي ته ان جي ذريعي اکين جا گناھ به وڌي ويا آهن، ڪنن جا گناھ به وڌي ويا آهن. بَس يوٽيوب، فيس بُڪ وغيره کولڻ جي دير هوندي آهي، بدنگاھيون شروع ٿي وينديون آهن. هاڻي ته هيءَ حالت ٿي وئي آهي جو ڪا سُٺي شيءِ به هلايون، نعتِ پاڪ هلايون، عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام جا بيانات هلايون، شروع ۾ ڪجھ منٽن جي ايڊ اچي ويندي آهي، ان ۾ ميوزڪ به هوندو آهي، بدنگاھي به ٿيندي آهي.

مطلب ته ان جي ذريعي اکين ۽ ڪنن جا گناھ تمام گهڻا وڌي ويا آهن ۽ هي نهايت سخت گناھ آهن، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:


 

 



[1]... بستان الواعظین،مجلس فی قولہ تعالیٰ :یوم تاتی کل ...الخ،حکایۃ عن احد الصالحین،صفحہ:79ملتقطًا۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:181۔