Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
علامه ابن رجب حنبلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڏينهن جو اڪثر حصو ذڪرُ الله ۾ گذارڻ جو هڪ نهايت ئي بهترين نسخو ٻڌايو آهي. اچو ته ان جو خلاصو ٻڌون ٿا: * ڏينهن ۽ رات ۾ پنج نمازون فرض آهن، يقيناً نماز به ذڪرُ الله ئي آهي، تنهنڪري پنج ئي نمازون اول آخر جي سنتن ۽ نفلن سان گڏ ادا ڪيون، ايئن ڪرڻ سان اسان جا ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ ذڪرُ الله ۾ گذرندا * انهن پنجن نمازن مان ٽي نمازون اهڙيون آهن، جن جي وچ ۾ ڪافي وقفو هوندو آهي، عشاء کان فجر جي وچ ۾ ڪافي وقت هوندو آهي، اهڙي طرح فجر کان ظهر تائين به ڪافي وقت هوندو آهي، تنهنڪري عشاء ۽ فجر جي وچ ۾ ڪجهه نفل پڙهڻ جي عادت اختيار ڪريون، ممڪن هجي ته رات جو سمهڻ کان پهريان به ڪجهه نفل ادا ڪيا وڃن ۽ ڪاش! تهجد پڙهڻ جي عادت بڻجي وڃي، اهڙي طرح فجر ۽ ظهر جي وچ ۾ اشراق ۽ چاشت جا نفل آهن، هي نفل به پابندي سان ادا ڪيا وڃن. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو ڪم به ڪيو، اهو هي ته هر نماز کان بعد ڪجهه نه ڪجهه ذڪرُ الله ڪرڻ جي عادت بڻائي وڃي، مثلاً هر نماز کان پوءِ تسبيحِ فاطمه (يعني 33 ڀيرا سُبْحٰنَ اللّٰہ، 33 ڀيرا اَلْحَمْدُ للّٰہ، 34 ڀيرا اللّٰہُ اَکْبَر) پڙهجي، سورۂ اِخْلاص پڙهجي، آیۃُ اْلکُرسی پڙهجي، نصيب ٿي وڃي ته ! هر نماز کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 100 ڀيرا درود پاڪ پڙهڻ جي عادت اختيار ڪئي وڃي، ايئن ئي ڏينهن جو لڳ ڀڳ چوٿون حصو ذڪرُ الله ۾ گذرندو * ڏينهن ۽ رات ۾ ٻه وقت تمام اهم آهن: هڪ فجر کان بعد جو وقت ۽ ٻيو عصر کان بعد جو وقت، الله پاڪ ان وقت ذڪر ڪرڻ جي خاص تاڪيد فرمائي آهي، جيئن قرآن شريف ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
وَ سَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ قَبْلَ طُلُوْعِ الشَّمْسِ وَ قَبْلَ غُرُوْبِهَاۚ- (پارہ:16،سورۂ طٰہ:130)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ سج جي اڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لهڻ کان اڳ پنهنجي رب کي ساراهيندي ان جي پاڪائي بيان ڪندو رهه.
تنهنڪري، انهن ٻنهي وقتن ۾ خصوصيت سان ڪجهه ذڪر ۽ اذڪار مقرر ڪيا وڃن، مثلاً قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جي عادت بڻائجي، يا وري پنهنجي