Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

ڪو اهڙو عمل ارشاد فرمايو! جنهن کي مان مضبوطيءَ سان اختيار ڪيان. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَایَزَالُ لِسَانُکَ رَطْبًا مِّنْ ذِکْرِ اللّٰہِ عَزَّوَ جَلَّ      يعني، تنهنجي زبان هميشه الله پاڪ جي ذڪر ۾ مشغول رهي. ([1])

مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا: شايد سائل (يعني سوال ڪندڙ صحابي رضيَ اللهُ عنه) جو سوال نوافل بابت هو (ته يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! نفل عبادتون تمام گهڻيون آهن، انهن مان ڪا هڪ عبادت ٻڌايو، جنهن تي مان پابندي سان عمل ڪيان) ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي جواب ارشاد فرمايو. مقصد اهو آهي ته هر وقت زبان تي ڪو نه ڪو ذڪرُ الله جاري رهي۔ الله پاڪ اسان کي به اهڙي زندگي نصيب ڪري.([2]

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  

حضرت معاذ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  جي لاءِ آخري نصيحت

پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا تمام پيارا صحابي حضرت معاذ بن جبل رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا:  الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري زندگي ۾ منهنجي انهن سان جيڪا آخري ملاقات ٿي، ان وقت مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڪهڙو عمل سڀني کان بهتر ۽ الله پاڪ جو وڌيڪ قرب ڏيارڻ وارو آهي؟ الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَنْ تَمُوتَ وَلِسَانُکَ رَطْبٌ مِّنْ ذِکْرِ اللہِ   يعني، اي معاذ! توکي موت  اهڙي حال ۾ اچي جو تنهنجي زبان الله پاڪ جي ذڪر سان تر هجي. ([3])

مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   فرمائن ٿا: مقصد اهو آهي ته هر وقت زبان تي ڪو نه ڪو ذڪرُ الله جاري هجي، نه ڄاڻ موت ڪڏهن اچي وڃي، جڏهن به ملڪ الموت       عَلَیْهِ السَّلَام  تنهنجي جان قبض ڪرڻ اچن ته توکي غافل نه


 

 



[1]...ابن ماجہ، کتاب الادب، باب فضل الذکر، صفحہ:608، حدیث:3793۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:321۔

[3]...شعب الایمان، جلد:1، صفحہ:393، حدیث:516۔