Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
نرالو شان هوندو، مخلوق گرمي ۾ سڙي رهي هوندي ۽ اهو خوش نصيب، جنهن جي دل مسجد سان لڳل رهندي آهي، اهو عرشِ الٰهي جي ڇانوَ ۾ آرام ۽ راحت ۾ هوندو.
سُبْحٰنَ الله! ڪم ڪيترو آسان آهي ۽ انعام ڪيڏو وڏو آهي، ڪرڻو ڇا آهي؟ بس پنهنجي دل مسجد سان لڳائي رکڻي آهي! مسجد ۾ جماعت سان نماز ادا ڪئي، پنهنجي دڪان تي، پنهجي ڪم تي هلي ويا، گهر هليا ويا، پر اتي وڃي به دل مسجد ڏانهن ئي متوجهه آهي، انتظار آهي ته ڪڏهن ٻي نماز جو وقت ٿيندو، ڪڏهن مان مسجد ويندس، مسجد جي محبت ۾ بي چين ٿي ٻانهو بار بار وقت ڏسي رهيو آهي، دل ئي دل ۾ مسجد ۽ نماز جو خيال اچي رهيو آهي، دل ۾ مسجد جي ياد آهي ۽ ضروري ڪمن ۾ مشغول آهي، مطلب ته، ٻانهو جتي به هجي، سندس دل مسجد سان ئي اٽڪيل هجي، هڪ نماز پڙهي ورتي، هاڻي ٻيءَ جو انتظار هجي، اهو آهي مسجد سان دل لڳڻ، دل جو مسجد سان ڳنڍيل رهڻ ۽ جنهن جي دل مسجد سان ڳنڍيل رهندي، ان کي قيامت جي ڏينهن عرشِ الهي جي ڇانوَ ۾ راحت ۽ آرام نصيب ٿيندو.
مسجد کي گهر بڻائي ڇڏڻ جي فضيلت
هڪ ٻي ايمان افروز حديثِ پاڪ ٻڌو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيئن ڪو ماڻهو گم ٿي وڃي (۽ سندس گهر وارا هن کي ڳوليندا وتن، پر ڪٿي به سندس پتو نه پوي، پوءِ ڪافي عرصي کان پوءِ اهو گم ٿيل شخص گهر واپس اچي وڃي ته) جيتري خوشي ان جي گهر وارن کي ٿيندي آهي، الله پاڪ ان شخص کان به اوترو ئي خوش (Happy/Glad) ٿيندو آهي، جيڪو مسجد کي ذڪر ۽ نماز لاءِ پنهنجو گهر بڻائي ڇڏيندو آهي. ([1])
مسجد کي گهر بڻائي ڇڏڻ جو اهو مطلب ناهي ته جيئن گهر ۾ کِل ڀوڳ، مذاق مشڪري، راند روند وغيره ٿيندي آهي، مسجدن ۾ به اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي، نه...!! نه۔ مسجد کي گهر بڻائڻ جو مطلب هي آهي ته: جيئن گهر ۾ دل لڳندي آهي، جتي به هجون، جلد کان جلد گهر پهچڻ جو ذهن بڻجندو آهي،