Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

پير صاحب جو عطا ڪيل شجرو شريف ۽ ڪجهه وِردَ ۽ وظيفا پڙهيا وڃن * اهڙيءَ طرح مغرب ۽ عشاء جي وچ وارو وقت به تمام گهڻو قيمتي آهي، ان وقت ذڪر ڪرڻ، نماز پڙهڻ مستحب آهي، تنهنڪري مغرب کان بعد اوّابين جا نفل ادا ڪيو* اهڙي طرح رات جو وضو ڪري سمهو، بستري تي اچڻ کان پهريان يا بستري تي ليٽي ئي ڪجهه دير ذڪرُ الله ڪيو، تسبيح فاطمه پڙهي وٺو، سورۂ اِخْلَاص ، سورۂ فَاتحہ ۽ آیۃُ الْکُرسی پڙهي وٺو. حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص وضو ڪري بستري تي ليٽي، الله پاڪ جو ذڪر ڪندو رهي، ڪندو رهي، ايسيتائين جو کيس ننڊ اچي وڃي، رات ۾ جڏهن به ڪا دعا گهرندو، الله پاڪ ان جي دعا قبول فرمائيندو * پوءِ جڏهن ننڊ مان جاڳي ته دعا پڙهي * اهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ رات ۾ ڪيا ويندڙ مختلف ڪم، جهڙوڪ گهر ۾ اچڻ وڃڻ، کاڌو کائڻ، ڪپڙا پائڻ وغيره جون دعائون ياد ڪيو، انهن کي به پڙهندا رهو. جيڪو ٻانهو هي عادتون اختيار ڪري وٺندو، ان جو شمار ذڪرالله سان زبانون تَر رکڻ وارن ۾ ٿيندو. ([1])

(2): مسجد سان دل لڳائڻ جون فضيلتون

 پيارا اسلامي ڀائرو! اهو خوشنصيب شخص، جنهن کي پياري محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معراج واري رات عرشِ الهي جي نور ۾ ويڙهيل ڏٺو، ان جو ٻيو وصف اهو هو ته سندس دل مسجد سان لڳل رهندي هئي.

 سُبْحٰنَ الله! هي به وڏي فضيلت وارو عمل آهي۔ بخاري ۽ مسلم جي حديث آهي: قيامت جي ڏينهن 7 قسمن جا ماڻهو عرشِ الهي جي ڇانوَ ۾ هوندا، انهن مان هڪ اهو آهي، جنهن جي دل مسجد سان لڳل رهندي آهي. ([2])

اللہُ اڪبر! ڪيڏي پياري فضيلت آهي! قيامت جو ڏينهن ڪيڏو هولناڪ هوندو، زمين ٽامي جي هوندي، سج هڪ ميل جي فاصلي تان باهه وَسائي رهيو هوندو، گرمي ۽ تپش سبب ماڻهن جي حالت خراب هوندي، ماڻهو پنهنجي ئي پگهر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا، اهڙي حال ۾ مسجد سان محبت رکڻ وارن جو


 

 



[1]... جَامِعُ العُلُوْم والحِکَم ، صفحہ: 835تا839 ملخصاً۔

[2]...بخاری،کتاب الاذن،باب من جلس فی المسجد ینتظر الصلاۃ...الخ، صفحہ:225 ،حدیث:660 ملتقطًا۔