Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

به سندس والدين کي بُرو ڀلو نه چيو ويو. ([1])  

ذِکْر و دُرُود ہر گھڑی وِردِ زَباں   رہے                                                     میری فُضُول گوئی کی عادَت نکال دو        ([2])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

روح ڪٿي رهندا آهن ...؟

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! هي خوش نصيب شخص، جنهن کي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏٺو، اهو ڪيڏو نه خوش نصيب هوندو! معراج جي رات پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏٺو* ڪن کي زمين جي مختلف وادين ۾ عذاب ۾ مبتلا ڏٺو* ڪن کي جهنم ۾ عذاب ڀوڳيندي ڏٺو * ڪن کي جنتي نعمتن مان لطف اندوز ٿيندي ڏٺو، پر قربان وڃجي! اهو ڪيڏو نه بلند مقام هوندو جو ان جو پاڪ روح ستن آسمانن کان مٿي، جنت کان به مٿي، عرشِ الهي جي نور ۾ ويڙهيل هو.

سُبْحٰنَ اللہ..!   بهارِ شريعت ۾ آهي: مرڻ کان پوءِ مسلمان جو روح پنهنجي مرتبي مطابق مختلف مقامن تي رهندو آهي، يعني انسان جو جهڙو رتبو هوندو، ان مطابق روح کي بلندي ۽ عروج ملندو آهي* ڪن جو روح قبر ۾ ئي رهندو آهي* ڪن جو زمزم شريف جي کوهه ۾* ڪجهه زمين ۽ آسمان جي وچ ۾* ڪن جا روح پهرئين، ٻئي، ٽئين، چوٿين، پنجين، ڇهين يا ستين آسمان تي* ۽ ڪجهه ماڻهن جا روح آسمانن کان به مٿي ۽ ڪجهه روح عرش جي هيٺان قنديلن ۾* ۽ ڪي وري اعلى عِلِّيِّين ۾ رهندا آهن.([3])

 يعني جهڙو انسان جو رتبو هوندو آهي، مرڻ کان پوءِ روح کي اوتري ئي بلندي ڏني ويندي آهي، جيڪو ٻانهو تمام گهڻو بلند مرتبي وارو هوندو، ان جو روح عرشِ الهي جي هيٺان رهندو آهي.


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الاولیاء، جلد:6، صفحہ:415، حدیث:95۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:305 ۔

[3]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:101، حصّہ:1۔