Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
ٿيو! اچو ته ! مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي فائدن تي مشتمل هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.
منڊي بهاﺆ الدين (صوبو پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو هيءُ آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان اڳ مان گناهن جي هلاڪت ڪندڙ واديءَ ۾ ڀٽڪي رهيو هئس. هميشه دل ۽ دماغ تي فيشن جو ڀوت سوار هوندو هو ۽ نيڪين کان دور، دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي پنهنجي زندگي برباد ڪري رهيو هئس. هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيندڙ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف ۾ شموليت جي ڀرپور ترغيب ڏني، جنهن ڪري الله پاڪ جي فضل وڪرم سان مون کي اعتڪاف ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿي، اجتماعي اعتڪاف جو روح پرور ماحول، پر سوز بيان، سحر ۽ افطار جا روحاني منظر مون کي ڏاڍا سٺا لڳا. ڪرَمَ مٿان ڪرم، اهو ٿيو جو اميرِ اهلِ سنّت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علمي ۽ روحاني مدني مذاڪرن ۽ رقّت انگيز دعائن منهنجي دل مان گناهن جو ميرُ ڪڍي منهنجي اندر کي صاف ڪري ڇڏيو. منهنجي گناهن سان ڀريل اندهيري زندگي ۾ عشقِ مصطفى جي روشني ڦهلجي وئي، مون پنهنجن گناهن کان سچي توبهه ڪئي ۽ اميرِ اهلِ سنّت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سان بيعت ٿيڻ جو شرف به حاصل ڪيو، الحمدلله! ڏاڙهي شريف سان چهرو سجائي ڇڏيو، مٿي تي عمامي جو تاج سجائي ورتو ۽ سنتن سان ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪري ورتو.([1])
مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی صدقہ تجھے اے ربِّ غَفَّار! مدینے کا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد