Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪريو! هڪ ٻانهو ايمان به رکي ٿو، نمازون به پڙهي ٿو، زڪوات به ڏئي ٿو، روزا به رکي ٿو، انهن نيڪ عملن جو اجر ڪهڙو آهي؟ انعام ڪهڙو آهي؟ فرمايو ويو: اهڙا عمل ڪرڻ وارو شخص قيامت جي ڏينهن نبيّن سان گڏ هوندو، صديقن سان گڏ هوندو، شهيدن سان گڏ هوندو، يعني هن خوشنصيب جو حشر انتهائي بهتر ٿيندو، پر اهڙا سٺا سٺا ۽ اعليٰ انعام ڏيارڻ وارا عمل ڪرڻ وارو شخص جيڪڏهن ماءُ پيءُ جو نافرمان آهي، ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارو آهي، ماءُ پيءُ سان خراب سلوڪ ڪرڻ وارو آهي، ماءُ پيءُ کي روئارڻ وارو آهي، ته ان کي به اهڙن عملن جو سٺو اجر نه ملندو، ان جو هي هڪ گناهه انهن سڀني عملن کي قبوليت جي درجي کان ڪيرائي ڇڏيندو.

فرض قبول، نه نفل قبول

اعلى حضرت امامِ اهلِ سنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: پيءُ جي نافرماني الله جَبَّاروقَہَّار جي نافرماني آهي ۽ پيءُ جي ناراضگي الله جَبَّاروقَہَّار جي ناراضگي آهي.  ماڻهو ماءُ پيءُ کي راضي ڪري ته اهي ان لاءِ جنت آهن ۽ جيڪڏهن ناراض ڪري ته اهي ئي ان لاءِ دوزخ آهن.  جيستائين پيءُ کي راضي نه ڪندو، ان جو ڪو به فرض، ڪو به نفل، ڪو به نيڪ عمل اصلاً قبول نه ٿيندو.  آخرت جي عذاب کان علاوه  دنيا ۾ جيئري ئي سخت مصيبت (يعني شديد آفت) ۾ مبتلا ٿيندو، مرڻ وقت مَعَاذَاللہ ڪلمو نصيب نه ٿيڻ جو خوف آهي. ([1])

منهنجي رِضا، تنهنجي ماءُ جي رِضا ۾ آهي

روايت آهي: بني اسرائيل ۾ هڪ شخص هو، الله پاڪ کيس تمام سهڻو ۽ خوبصورت آواز عطا فرمايو هو، وڌيڪ نعمت اها مليس جو هو پنهنجي پياري آواز سان توريت شريف جي تلاوت ڪندو هو. جڏهن هي شخص توريت شريف جي تلاوت ڪندو هو ته ماڻهو ان کي ٻڌڻ لاءِ پنهنجن گهرن مان نڪري ايندا هئا.

هن شخص ۾ هڪ عيب هو جو هي شخص شراب پيئندو هو، سندس ماءُ کيس منع ڪندي هئي ته: پُٽَ! الله پاڪ توکي اهڙي نعمت عطا ڪئي آهي، سٺا ڪم ڪندو ڪر، شراب نه پيئندو ڪر، پر هي پنهنجي ماءُ جي هڪ نه ٻڌندو هو. هڪ


 

 



[1]... فتاویٰ رضویہ،جلد:24، صفحہ:384 ۔