Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

خوب ہے رمضاں کی بھی شان                                                       اِس میں اُترا ہے قرآن

مجھ کو مدینے میں رمضان                                                                                        کاش! میسر ہو رحمٰن

آجا آ بھی جا رمضان                                                                                                              تجھ پہ فِدا عطّارؔ کی جان

الله پاڪ اسان کي ماهِه رمضان ڏسڻ، ان ۾ روزا رکڻ، ۽ گهڻي کان گهڻي عبادت ڪرڻ نصيب فرمائي. ماهِه رمضان جي هڪ اهم ترين عبادت اعتڪاف به آهي. نفلي اعتڪاف ته ڪنهن به وقت ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪو اعتڪاف سنت مؤڪدہ آهي، اهو صرف رمضان شريف ۾ ئي ٿيندو آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پورو مهينو رمضان جو اعتڪاف ڪرڻ به ثابت آهي، جڏهن ته آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف ته اسان جي آقا و مولا، تاجدارِ انبيا   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تمام گهڻو پسند هو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري ڏهاڪي جي اعتڪاف جو تمام گهڻو اهتمام فرمائيندا هئا. ايسيتائين جو هڪ دفعي ڪنهن سبب ڪري رمضان شريف ۾ اعتڪاف نه ٿي سگهيو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شوال ۾ اعتڪاف فرمايو. ([1])

اعتڪاف جون فضيلتون

* مسلمانن جي پيارِي امڙ سائڻ، حضرت عائشہ صديقه رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهَا کان روايت آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو : مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ    يعني جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو، ان جا پويان گناهه بخشيا ويندا ([2]* هڪ ٻي روايت ۾ آهي: جنهن رمضان شريف ۾ 10 ڏينهن اعتڪاف ڪيو اهو ائين آهي ڄڻ ان 2 حج ۽  2 عمرا ڪيا.([3])


 

 



[1]... بخاری،کتاب الاعتکاف،باب الا عتکاف فی الشوال، صفحہ:533،حدیث:2041۔

[2]...جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480۔

[3]...جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479۔