Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

نبوت صلَّی اللهُ علیہِ وآلِهٖ وسلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ              جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گھٽ کائڻ سنت آهي

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جڏهن ٻانهو  پنهنجي کاڌي ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ته ان جو سينو نور سان ڀريو ويندو آهي. ([2])

اي عاشقانِ رسول! گهٽ کائڻ سنت آهي * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بک کان گهٽ کائيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيسيتائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لڳاتار 2 راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  بک جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.

کاڌي جي مقدار بابت احڪام: * بک رکي کائڻ سنت آهي (يعني اڃان بک هجي پر کائڻ بند ڪجي) * جيتري بک هجي، اوترو کائڻ مباح  آهي (يعني ان ۾ نه گناھ آهي، نه ثواب) * پيٽ ڀري ايترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان هجي، حرام آهي * پيٽ ڀري ايترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي، مڪروهه آهي * خوراڪ ۾ ايتري گهٽتائي ڪرڻ جو فرائض جي ادائيگي ۾ خلل پوي، ناجائز آهي. ([3]) 

مختلف سنتون ۽ آداب سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد: 3، حصو: 16 ۽ اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس قادري  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد ڪريو ۽ پڙهو! سنتون سکڻ جو


 

 



[1]...تاریخ  مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:35،حدیث:469۔

[3]... بہارِ شَرِیْعت، حصہ:16، جلد:3، صفحہ:374ملخصًا ۔