Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

ڪاش! اسان کي به اها سعادت ملي، ڪاش! جڏهن اسان جو روح به جسم کان جدا ٿئي ته فرشتا ان کي خوشي خوشي هٿن تي کڻن ۽ ادب سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪن. اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   دعا ڪئي آهي ته:

واسطہ پیارے کا ایسا ہو کہ جو سُنّی مرے           یُوں نہ فرمائیں ترے شاہِد کہ وہ فاجِر گیا

عرش پر دُھومیں مچیں وہ مومنِ صالِح مِلا              فرش سے ماتَم اُٹھے وہ طیب و طاہِر گیا   ([1])

وضاحت: ياالله پاڪ پنهنجي حبيب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي صدقي اهو ڪرم فرماءِ جو جيڪو به صحيح عقيدي وارو مسلمان دنيا مان وڃي ته تنهنجا شاهد (يعني فرشتا) اهو نه چون ته هي شخص گنهگار آهي، بلڪه ان جي موت تي عرش ۾ هي خبر مشهور ٿئي ته اهو نيڪ ٻانهي جو روح اچي رهيو آهي ۽ زمين تي هي مشهور ٿئي ته اُهو صحيح عقيدي وارو نيڪ مسلمان دنيا مان هليو ويو.

اعليٰ مرتبو ڏيارڻ واريون 3 صفتون

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اندازو لڳايو ته اهو خوشنصيب شخص، جنهن جي روح کي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زمين تي نه، زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ نه، ستن آسمانن تي نه، پر ستن آسمانن کان به مٿي، عرشِ الهي جي نور ۾ ويڙهيل ڏٺو، اهو شخص ڪيترو بلند مرتبي وارو هوندو! ان شخص بابت جڏهن پڇيو ويو ته ڇا ٻڌايو ويو؟ هي ڪير هيو؟ چيو ويو: هن ٻانهي جون ٽي صفتون آهن: يعني هي اهي صفتون آهن، جن جي ذريعي ان کي ايتري بلندي نصيب ٿي؛    (1) هن جي زبان هميشه ذڪرُ الله ۾ مشغول رهندي هئي (2) هن جي دل مسجد سان لڳل رهندي هئي (3) ۽ ان جي ڪري ڪڏهن به سندس والدين کي برو ڀلو نه چيو ويو.

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان غور ڪيون ته بظاهر هي ٽئي ڪم ڪيترا آسان آهن، ڪثرت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻو آهي، مسجد سان دل لڳائي رکڻي آهي ۽ پنهنجن والدين جي عزت جو خيال رکڻو آهي. هي ٽئي ڪم ڪنداسين ته


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:53-54 ۔