Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
وَ مَنْ یَّعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمٰنِ نُقَیِّضْ لَهٗ شَیْطٰنًا فَهُوَ لَهٗ قَرِیْنٌ(۳۶) (پارہ:25،سورۂ زخرف:36)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو رحمٰن جي ذڪر کان مُنهن ڦيري ته اسان ان تي هڪ شيطان مقرر ڪري ڇڏيندا آهيون پوءِ اهو ان جو ساٿي رهندو آهي
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: شيطان جي سُونڍ ماڻهو جي دل تي هوندي آهي، جڏهن ٻانهو الله پاڪ جو ذڪر ڪندو آهي ته شيطان سُونڍ کي هٽائي ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو الله جي ذڪر کان غافل ٿي ويندو آهي ته شيطان ان جي دل کي لقمو بڻائي ڇڏيندو آهي (يعني وسوسا وجهندو آهي). ([1])
ڪاش! اسان جي به عادت بڻجي وڃي اسان به گهمندي ڦرندي، اٿندي ويهندي، هر وقت ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ رڳو الله پاڪ جو ذڪر ڪندا رهون.
میری زَبان تر رہے ذِکر و دُرُود سے بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فُضُول ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
هڪ دفعي الله پاڪ جي نبي حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: يا الله! مان اهڙي عبادت ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ گهڻي مشقت هجي، الله پاڪ فرمايو: اي موسى! بلند آواز سان منهنجو ذڪر ڪندو ڪر.
هاڻي حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام ته الله پاڪ جا نبي آهن، جڏهن پاڻ الله جو ذڪر ڪيو ته مشقت ته ڇا ٿيڻي هئي، بلڪه کين وڏو لطف آيو. پاڻ جڏهن ٻئي ڏينهن ذڪر ڪيائون ته پهرئين ڏينهن کان به وڌيڪ لذت حاصل ٿي، اهڙي طرح جيئن جيئن پاڻ ذڪر ڪندا رهيا، لذت وڌندي ئي رهي. تڏهن حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: "يا الله! مان ته اهڙي عبادت گهري هئي، جنهن ۾ گهڻي مشقت هجي، پر تنهنجي ذڪر ۾ ته ڏاڍو مزو آهي. الله پاڪ فرمايو: اي موسى! هي ته تنهنجي مٿان منهنجي مهرباني آهي جو توکي منهنجي