Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
صحيح نه ڪئي آهي. هي ڪيڏو نه بُرو آهي جو پنهنجي والدين لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجي رهيو آهي! اهڙن جا والدين به انهن کان تنگ هوندا آهن، ويچارا روئندا آهن، ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا آهن ته هن نافرمان اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، ڪٿي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه ڇڏيو آهي، اهو ڪيترو وڏو گُناهه آهي، ٻڌو!
هڪ ڪبيره (وڏو) گناهه
مسلمانن جي چوٿين خليفي، حضرت مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحْزَنَ وَالِدَيْهِ فَقَدْ عَقَّهُمَا جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي غمگين ڪيو، ان سندن نافرماني ڪئي. ([1]) هڪ ٻي روايت ۾ آهي: بُكَاءُ الْوَالِدَيْنِ مِنَ الْعُقُوقِ وَالْكَبَائِرِ يعني ماءُ پيءُ کي روئارڻ نافرماني ۽ ڪبيره گناهه آهي.([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت تي به چڱيءَ طرح غور ڪيو! ماءُ پيءُ کي روئارڻ وڏو گناهه آهي * جيڪي ماءُ پيءُ جي ڳالهه نه ٿا مڃين * ماءُ پيءُ تي ڪاوڙ ڪن ٿا * انهن کي تڪليف ڏين ٿا * پوڙهائپ ۾ انهن جو سهارو نه ٿا بڻجن * مَعَاذَ اللہ! گهر مان ڪڍي ڇڏين ٿا * کين اولڊ هائوس ۾ ڇڏي اچن ٿا، ڇا ٿا سمجهو؟ انهن جا والدين ويچارا روئندا نه هوندا، هي بدبخت اهڙا ته سخت دل هوندا آهن جو ماءُ پيءُ جي ڳوڙهن تي ترس نه کائيندا آهن، اهي ماءُ پيءُ ئي ته هئا، جو ننڍپڻ ۾ جڏهن ٻارُ روئندو هو ته ماءُ جو هنيانءُ ڏري پوندو هو، پيءُ پنهنجيون ضرورتون قربان ڪري ان جون خواهشون پوريون ڪندو هو ته جيئن منهنجو پٽ نه روئي، هن کي پنهنجي دوستن ۾ شرمندگي محسوس نه ٿئي، ڪنهن کي ڏسي احساسِ ڪمتري جو شڪار نه ٿئي، ڪيترو بدبخت آهي اهو پٽ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ کي روئاريندو آهي، اوڙي پاڙي ۽ رشتيدارن ۾ انهن جي لاءِ شرمندگي جو باعث بڻجندو آهي.