Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
اسان کي گهرجي ته اسان مسجد سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪريون؛ الله وارن جي مبارڪ عادت هئي ته هي حضرات پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ پسند ڪندا هئا، بلڪه امام شعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکيو آهي ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها مسجد جي ويجهو گهر ٺاهڻ کي پسند ڪندا هئا ته جيئن مسجد ۾ وڃڻ ۽ اتي زياده کان زياده وقت گذارڻ ۾ آساني ٿئي * حضرت عطاء بن ابو رَبَاح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 40 سالن تائين مسجد کي پنهنجو گهر بڻائي رکيو (يعني مسجد ۾ ئي رهيا، بغير ضرورت مسجد کان ٻاهر نه نڪتا) * حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي مسجد سان اهڙي محبّت هئي جو فرمائيندا هئا: جيڪڏهن طبعي حاجتون نه هجن ها ته مان ڪڏهن به مسجد کان ٻاهر نه نڪران ها * حضرت ابو صادِق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مسجد ۾ ويهڻ کي لازم بڻائي ڇڏيو! ڇو ته مسجد ۾ ويهڻ نبيّن جو طريقو آهي.([1])
ڪاش! اسان کي به اها سعادت ملي، اسان به پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ جي عادت بڻايون۔ اسان جو حال اهو آهي جو پارڪن ۾ دل لڳي ٿي، هوٽلن ۾ دل لڳي ٿي، راند جي ميدانن ۾، فضول ڳالهين ۾ بلڪه مَعَاذَ اللہ! گناهه وارن ڪمن ۾ دل لڳي ٿي، ها! جيڪڏهن دل نه ٿي لڳي ته مسجد ۾ نه ٿي لڳي. هيءَ حقيقت آهي، اسان جي معاشري جو حال اهڙو ٿي ويو آهي جو جيڪڏهن ڪم ڪار کان فرصت ملي وڃي يا موڪل جو ڏينهن اچي وڃي ته اسان مختلف پروگرام ٺاهيندا آهيون، ڪڏهن دوستن سان پڪنڪ تي وڃڻو آهي، ڪڏهن تفريحي ماڳن جي زينت بڻجڻو آهي، ڪڏهن ڪٿي کائڻ پيئڻ جو پروگرام بڻجي ويندو آهي ته ڪڏهن سير تفريح جو بندوبست ٿي ويندو آهي. الله وارن جو انداز ڪهڙو هو؟ انهن کي فرصت ملندي هئي ته الله پاڪ جي گهر، مسجد ۾ پهچي ويندا هئا، ڪاش! اسان جو به اهڙو ذهن (Mindset) بڻجي وڃي.