Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ سڄي دنيا ۾ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. فيضانِ رمضان حاصل ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ! دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ هزارين جاين تي آخري ڏهاڪي جو اجتماعي سنت اعتڪاف ڪرايو ويندو آهي. اوهان به ڪوشش ڪريو! پورو مهينو اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريو! بلڪه عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) ۾ اعتڪاف ڪريو! ڇاڪاڻ ته اتي شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه وقت جي هڪ وليءِ ڪامل سان گڏ اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي ته ان جون برڪتون ئي الڳ هونديون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضان شريف ۾ گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادتن جو شوق وڌائڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو علمِ دين سکڻ جو به موقعو ملندو.
آئیں گی سنّتیں جائیں گی شامَتیں دینی ماحول میں کر لو تم اعتِکاف
تم سدھر جاؤ گے، پاؤ گے برکتیں دینی ماحول میں کر لو تم اعتِکاف
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! * ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. * تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. * جامعات و مدارس