Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

رحمت جي نظر کان محروم شخص

حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڪجهه ٻانها اهڙا آهن، جن سان قيامت جي ڏينهن الله پاڪ نه ڪلام فرمائيندو، نه انهن ڏانهن نظرِ رحمت فرمائيندو، نه انهن کي پاڪ ڪندو، نه انهن جا گناھ مٽائيندو. انهن مان هڪ اهو آهي جيڪو پنهنجي والدين کان بَري هوندو آهي (يعني انهن جو سهارو نه بڻجندو آهي) ([1])

والدين جو شڪر ادا ڪريو ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! والدين جو رتبو گهڻو بلند آهي، رب ڪريم قرآن پاڪ ۾ بار بار والدين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي پنهنجي عبادت جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ والدين جي ادب جو به حڪم فرمايو آهي، هڪ مقام تي ارشاد ٿئي ٿو:

œõL"É6î!"s'

(پارہ:21، سورۂ لقمان:14)

ترجمو ڪنزالعرفان: سو منهنجو ۽ پنهنجي والدين جو شڪر ادا ڪريو.

  يعني انسان کي اها وصيت ۽ نصيحت ڪئي وئي ته اي انسان! منهنجو يعني پنهنجي رب ڪريم جو به شڪر ادا ڪر ۽ پنهنجي والدين جو به شڪر گذار بڻجي وڃ ....!!

جيسيتائين والدين جي نافرماني نه ڪري ...

حديث پاڪ ۾ آهي: هڪ دفعي هڪ شخص بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم * مان شاهدي ٿو ڏيان ته الله پاڪ کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي ۽ اوهان الله پاڪ جا رسول آهيو * مان پنج وقت نماز پڙهندو آهيان * پنهنجي مال جي زڪوات به ڏيندو آهيان * ۽ رمضان جا روزا به رکندو آهيان. پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو انهن عملن تي مري، اهو قيامت جي ڏينهن نبيّن، صديقن ۽ شهيدن سان گڏ هوندو، جيسيتائين ماءُ پيءُ جي نافرماني نه ڪري. ([2])


 

 



[1]... شعب الایمان، باب بر الوالدین، جلد:6، صفحہ:196، حدیث:7887۔

[2]... الترغیب و الترہیب، باب البر و الصلۃ و غیرھما، الترہیب من عقوق الوالدین، صفحہ:807، حدیث:12۔