Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: *   عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *     بيان جا اهم نڪتا لکندس *  جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين پکيڙڻ جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عرش جي نُورَ ۾ ويڙهيل شخص

امام ابن ابي دنيا تمام مشهور عالم، محدث ۽ صوفي ٿي گذريا آهن، ٽِين صدي هجري جا بزرگ آهن، امام بخاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   جي شاگردن مان آهن، انهن هڪ تمام سهڻي روايت بيان ڪئي آهي، لِکن ٿا: جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معراج تي تشريف وٺي ويا ته ان دوران پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ عجيب منظر ڏٺو، اهو ڪهڙو منظر هو؟ فرمايائون: مون عرش جي نور ۾ ويڙهيل هڪ شخص ڏٺو، مون پڇيو: مَنْ ہٰذَا ؟اَمَلَکٌ؟      هي ڪير آهي؟ ڪو فرشتو آهي؟ چيو ويو: نه. مون چيو: اَ نَبِیٌّ؟ ڇا ڪو نبي آهي؟ چيو ويو: نه. مون پڇيو: مَنْ ہُوَ؟ پوءِ هي ڪير آهي؟ جواب مليو (جنهن جو خلاصو آهي ته) هي اهو شخص آهي جنهن جون ٽي صفتون آهن: (1): سندس زبان هميشه ذڪرُ الله سان تر رهندي هئي (2): هن جي دل مسجد ڏانهن مائل رهندي هئي (3): ۽ هن جي ڪري ڪڏهن


 

 



[1]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔