Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بلند رتبو نصيب ٿيندو.
وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا ہم مفلس کیا مَول چُکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے ([1])
افسوس! اسان کان ايڏا سولا ڪم به نه ٿا ٿين، ڪاش! اسان کي نيڪ ڪم ڪرڻ جي عادت پئجي وڃي.
میں گناھوں سے سدا بچتا رہوں کیجئے رَحمت اے نانائے حسین!
نیکیوں میں دل لگے ہر دم، بنا عامِلِ سنّت اے نانائے حسین! ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ٽئي ڪم، جيڪي ان نيڪ انسان بابت بيان ڪيا ويا، اهي ٽئي تمام فضيلت وارا ڪم آهن ۽ اسان کي به اهي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي.
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوا اللّٰهَ ذِكْرًا كَثِیْرًاۙ(۴۱) (پارہ:22،سورۂ احزاب:41)
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله کي تمام گهڻو ياد ڪريو.
معلوم ٿيو ته الله پاڪ جو ڪثرت سان ذڪر ڪرڻ قرآني حڪم آهي، ڪيتري ڪثرت سان ذڪر ڪرڻو آهي؟ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ جو ذڪر ايتري ڪثرت سان ڪيو جو ماڻهو توهان کي ديوانو چون. ([3])
هڪ دفعي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اِنَّ شَرَائِعَ الْاِسْلَامِ قَدْ کَثُرَتْ عَلَیَّ يعني، يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! بيشڪ اسلام جا حڪم مون تي گهڻا ٿي ويا آهن،