Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

اڪيلائي ۾ ويهڻ جو موقعو ملي وڃي ته يڪدم موبائل هٿ ۾ کڻي فيس بڪ، يوٽيوب وغيرهه  ۾ مگن ٿي ويندا آهيون. اهڙيءَ طرح اسان هزارين ساهه بيڪار شين ۾ ضايع ڪري ڇڏيندا آهيون. هي ڪيتري وڏي محرومي جي ڳالھ آهي؟ ٻڌو!

ميوا وڻ مان ڇو ڪِريا؟ حضرت رابعه بصريه جو خواب

حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها ٻي صدي هجري جي مشهور وليه آهن. پاڻ فرمائن ٿيون ته هڪ رات سحري جي وقت مون ڪجھ تسبيحات پڙهيون، پوءِ سمهي پيس. خواب ۾ ڏٺم ته هڪ سائو وڻ آهي جيڪو ايترو وڏو ۽ حسين آهي جو بيان نٿي ڪري سگھان. ان تي 3 قسم جا ميوا لڳل هئا. ڪجھ اڇا، ڪجھ ڳاڙها ۽ ڪجھ زرد ۽ سڀئي ان وڻ ۾ چنڊ، سج وانگر چمڪي رهيا هئا. فرمائن ٿيون ته مون کي اهو وڻ تمام گهڻو پسند آيو، مون پڇيو ته هي ڪنهن جو آهي؟ ڪنهن چوڻ واري چيو ته هي توهان جو آهي ۽ انهن تسبيحن جو بدلو آهي جيڪي هاڻي هاڻي توهان پڙهيون آهن. فرمائين ٿيون ته مان وڻ جي چوڌاري گهمڻ لڳس ته ڏٺم ته سونھري رنگ جا ڪجھ ميوا زمين تي ڪريل پيا هئا. مون چيو ته ڪاش! هي ميوا به انهن ميوَن سان گڏ وڻ تي موجود هجن تہ ڪيترو سٺو ٿئي ها، جواب مليو ته هي به اتي ئي لڳل هئا، توهان تسبيح پڙهي ڪري سوچڻ لڳيون ته ڳوهيل اٽو خمير ٿي ويو آهي يا نه، ان وقت هي ميوا ڪري پيا.[1]

اي عاشقانِ رسول! ذڪر الله ۾ غفلت کان ڪيتري محرومي ٿيندي آهي؟ ان جي هڪ جهلڪ حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها کي خواب ۾ ڏيکاري وئي. ان واقعي کي سامهون رکي ڪري اسان کي پنهنجي باري ۾ بار بار غور ڪرڻ جي حاجت آهي. ڪيتري عبرت جي ڳالهه آهي...!! حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها تسبيح ۾ مصروف هيون، ان دوران صرف ٿوري دير لاءِ رڪجي ڪري ڳوهيل اٽي جي متعلق سوچڻ جو ايترو اثر ٿيو ته ڪيترائي ڪلاڪ فضويات ۾ برباد ڪري ڇڏڻ جو وبال ڪهڙو هوندو؟

غافل تي شيطان مقرر  ڪيو   ويندو  آهي

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:


 

 



[1] قوت القلوب، جلد:1، صفحہ:183۔