Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

لهن، الله پاڪ اهڙي زندگي نصيب ڪري. ([1])

جڏهن جانور حرام ٿي ويندو آهي ته ...!!

 معلوم ٿيو ته اسان کي هر وقت الله پاڪ جي ذڪر ۾ مصروف رهڻ گهرجي۔ هن موقعي تي پير مهر علي شاهه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   هڪ تمام پيارِي ۽ دل کي ڇُهندڙ ڳالهه فرمائي آهي. پاڻ فرمائن ٿا: جانور شرعي حڪمن جو پابند ناهي، ان جي باوجود حڪم آهي ته جيڪڏهن حلال جانور کي ذبح ڪرڻ وقت الله پاڪ جو نالو نه ورتو وڃي ته اهو جانور حرام ٿي ويندو آهي، فرمائن ٿا: هتي غور ڪيو ته جانور، جيڪو شريعت جو پابند به ناهي، جيڪڏهن ان جو دم الله جي ذڪر کان سواءِ نڪري وڃي ته اهو حرام ٿي ويندو آهي، ته پوءِ اسان جو ته هڪ هڪ ساهه شريعت جو پابند آهي، پوءِ جيڪڏهن اسان جو ساهه الله جي ذڪر کان سواءِ نڪري وڃي ته اهو ساهه ڪيترو بي فائدو ٿي ويندو ...؟ ([2])

ڪثرتِ ذڪر نه ڪرڻ جا ڪجهه سبب

      پيارا اسلامي ڀائرو!  پير مهر علي شاهه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   جي هن فرمان تي بار بار غور ڪيو! ڪيڏو نه دل تي اثر ڪندڙ فرمان آهي! واقعي، اسان ٿوري ڳڻپ ڪيون؛ مختلف رپورٽن مطابق اسان روزانو 17 کان 30 هزار دفعا ساهه کڻندا آهيون، غور ڪيو! انهن مان ڪيترا ساهه بيڪار ۽ الله جي ذڪر کانسواءِ گذري ويندا آهن؟ هاءِ! افسوس! دل ۾ سوز ناهي* نيڪين جو حرص نه هجڻ جي برابر آهي* آخرت جو فڪر بلڪل گهٽ آهي * بيڪار ڳالهين ۾ مصروف رهڻ جي عادت آهي * دنيا جي محبت ڄڻ ته دل ۾ گهر ڪري وئي آهي* هر وقت رڳو دنيا جي سوچن ۾ ئي گم رهون ٿا * فضول ڳالهين ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي اهڙي ته عادت پئجي وئي آهي جو بس الله پاڪ جي پناهه! * غِيبت  * چغلي* ڪوڙ، نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا گناهه هيءَ زبان اسان کان ڪرائيندي رهندي آهي! رهي سهي ڪسر وري سوشل ميڊيا ڪڍي ڇڏي آهي، ڪڏهن


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:321۔

[2]... ملفوظاتِ مہریہ، صفحہ:138۔