Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

صراط الجنان ايپلي ڪيشن جو تعارف

      اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي به علمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي۔ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي  (Sirat ul Jinan Quran & Tafsir (صراطُ الجنان قرآن اينڊ تفسير) هن ايپليڪيشن ۾ * مڪمل قرآنِ پاڪ * اعلى حضرت، امامِ اهلِ سنت، شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو لکيل ترجمو ڪنزُ الايمان   *  آسان ترجمو، ترجمو ڪنزُ العرفان * آسان انداز ۾ لکيل تفسير صراطُ الجنان شامل آهي * قرآن پاڪ، ترجمو ۽ تفسير آڊيو ۾ به ٻڌي سگهو ٿا * روزانو تلاوت ڪيون ويندڙ سورتن کي الڳ ترتيب سان جمع ڪيو ويو آهي * مدني چينل تي هلڻ وارا تفسيرِ قرآن ۽ مختلف قرآني پروگرام پڻ هن ايپ ذريعي آسانيءَ سان ڏسي سگهو ٿا * وڌيڪ هي ته قرآني آيتون، ترجمو ۽ تفسير واٽس ايپ  (Whatsapp) فيس بُڪ (Facebook) وغيره تي پنهنجن دوستن ۽  رشتيدارن سان شيئر به ڪري سگهو ٿا. هن ايپليڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو پاڻ به علمِ دين سکو ۽ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به حاصل ڪريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪجهه ضروري اعلان

*هر ڇنڇر تي اميرِ اهلِ سنت دامت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به عشاء کان پوءِ (تقريباً 8  لڳي 30 منٽن تي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. سڀئي ذميدارَ ۽ عاشقانِ رسول پاڻ به ان مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت