Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

فرشتو موڪليو، جنهن ان شخص جو هٿ جوڙي ڇڏيو ۽ ماءُ کي اک واپس ڏئي ڇڏي. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي ماءُ پيءُ جي اهميت...!! اسان ماءُ پيءُ کي راضي ڪنداسين تڏهن ئي الله پاڪ راضي ٿيندو، ماءُ پيءُ کي ناراض ڪنداسين ته صدين جي عبادت به ڪم نه ايندي. تنهنڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجي ماءُ پيءُ کي هميشه راضي رکون، انهن جي دلجوئي ڪريون ۽ انهن سان نيڪ سلوڪ ڪندا رهون. Bottom of Form

 

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! مطلب هي آهي ته 3 اوصاف آهن جيڪي تمام اعليٰ مقام ڏيارڻ وارا آهن. (1): ذڪرُ الله جي ڪثرت (2): مسجد سان دل لڳائڻ (3): والدين جي عزت جو سبب بڻجڻ. 

الله پاڪ اسان کي هي ٽئي ڪم ڪرڻ ۽ تمام گناهن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن      صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اعتڪاف جي ترغيب

پيار اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للّٰہ! رمضان جو مهينو ويجهو اچي رهيو آهي، هي مبارڪ مهينو وڏو برڪت وارو آهي. رحمٰن جو مهينو، قرآن جي نازل ٿيڻ جو مهينو ۽ مغفرت جو مهينو آهي.

عَجِّلْ عَجِّلْ یَارمضان                                                                                                           جان مِری تجھ پر قربان

آ بھی جا ماہِ سُبْحٰن                                                                                                                                    جلدی جلدی آ رمضان

جب بھی آتا ہے رمضان                                                                                 جان میں آجاتی ہے جان


 

 



[1]... عجائب بنی اسرائیل ، صفحہ:66۔