Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

(3): والدين جي ادب جو بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو خوشنصيب شخص، جنهن کي شبِ معراج پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نُورِ عرش ۾ ويڙهيل ڏٺو، ان جو ٽيون وصف ڪهڙو هو؟ اهو ته ان جي ڪري ڪڏهن به ان جي والدين کي بُرو ڀلو نه چيو ويو. 

هي به تمام اهم، پيارو ۽ فضيلت وارو وصف آهي.

والدين جو نافرمان ڪير ...!!

امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به هڪ روايت لکي آهي ته: هڪ ڀيرو حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام  عرش جي ويجهو هڪ شخص کي ڏٺو، ان جو مقام ۽ مرتبو ڏسي کين خوشي ٿي، ان بابت پڇيائون ته ٻڌايو ويو: (1) هي ڪنهن سان حسد ناهي ڪندو (2) چغلي ناهي هڻندو (3) ۽  والدين جي نافرماني ناهي ڪندو. عرض ڪيائين: اي الله ڪريم! والدين جو نافرمان ڪير هوندو آهي؟ فرمايو ويو: ‌يَسْتَسِبُّ ‌لَهُمَا حَتّٰی يُسَبَّا يعني جيڪو ماءُ پيءُ لاءِ بُرو چيو وڃڻ جو سبب بڻجي، ايتري قدر جو ان جي ڪري سندس والدين کي بُرو چيو وڃي، اهو والدين جو نافرمان آهي. ([1])

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت تي اهي ماڻهو بار بار غور ڪن، جيڪي پنهنجي والدين لاءِ طعنن ۽ شرمندگي جو سبب بڻجندا آهن * هاڻي پُٽ ڪو ڪم ڪار نه ٿو ڪري، فارغ  پيو گھمندو وتي، والدين کي بُرو ته چيو ئي ويندو * سڄو پاڙو مٿي تي کنيو ٿو وتي * اچڻ وڃڻ وارن کي تنگ ڪندو آهي * موٽر سائيڪل جو سائلنسر کولرائي تيز رفتاري سان گوڙ ڪندي موٽر سائيڪل هلائيندو آهي * ٻين کي تڪليف پهچائيندو آهي * پاڙيسري به هن جي شَر کان محفوظ ناهن * نظرن ۾ حياءَ نٿس * چوريون ڪندو آهي، ڌاڙا هڻندو آهي * اوڙي پاڙي ۾ بدمعاشيون ڪندو آهي * گاريون ڏيندو آهي، جيڪو اهڙيون بريون حرڪتون ڪندو هوندو ٻڌايو ان کي ڏسڻ وارا ڇا ان جي والدين کي دعائون ڏيندا هوندا؟ نه، نه، برو ئي چوندا هوندا ته انهن پنهنجي ٻار جي تربيت


 

 



[1]... الزہد  لاحمد بن حنبل، صفحہ98، رقم:346۔