Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو!  سنتن موجب زندگي گذارڻ جو جذبو حاصل ڪرڻ، ماءُ پيءُ جو فرمانبردار بڻجڻ ۽ نيڪين سان ڀرپور زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو 12 ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل روشن ٿيندي، عشقِ رسول نصيب ٿيندو، محبتِ الهي حاصل ٿيندي، ۽ دين توڙي دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ اهم ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو.

اميرِ اهلِسنت مولانا محمد الياس عطار قادري  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  موجوده دور جي وڏي علمي ۽ روحاني شخصيت، بلڪه وليءِ ڪامل آهن. پاڻ هر ڇنڇر تي نمازِ عشاء کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، يعني سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيره جي مختلف موضوعن تي سوال ڪندا آهن ۽ اميرِ اهلِ سنت انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن. هي مدني مذاڪرو مدني چينل تي  Live  ڏيکاريو ويندو آهي.

* مدني مذاڪرو اصلاحِ عقائد و اعمال جو بهترين ذريعو آهي:

* اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ!     هن وقت تائين ڪيترائي غير مسلم مدني مذاڪرو ڏسي، ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي چڪا آهن * بي نمازين جو ڪثير تعداد نمازي بڻجي چڪو آهي * ڪيترن ئي دلين جي اصلاح ٿي چڪي آهي.

* توهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪريو:

  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين حاصل ٿيندو * محبتِ الهي نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي * نيڪيون ڪرڻ جو جذبو ملندو * اخلاق ۽ ڪردار ۾ به بهتري ايندي.

هر ڇنڇر تي نمازِ عشاء کان بعد مدني مذاڪرو پابندي سان ڏسڻ جي نيت ڪريو! چاهيو ته گھر ۾ فيملِي سان گڏ مدني چينل تي مدني مذاڪري ۾ شريڪ