Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
جيستائين گهر نه پهچي وڃون، دل بي چين رهندي آهي، اهڙي ئي حالت مسجد جي متعلق به ٿي وڃي يعني مسجد ۾ سڪون محسوس ٿئي ۽ جڏهن مسجد کان پري هجون ته يادِ مسجد سان دل بي چين ٿي وڃي.
هاڻي ڏسو! اسان کي تعليم ته اها ڏني پئي وڃي، پر اسان جي حالت ڪهڙي آهي؟ اسان مسجد سان اهڙو تعلق (Relation) رکندا آهيون ڄڻ ته مسجد ڪو مسافر خانو هجي، آذان ٿي، مسجد ۾ آياسين، نماز پڙهي ۽ واپس هليا وياسين، اهو به اَقَلِّ قَلِیْل يعني تمام ٿورا ماڻهو ڪندا آهن، ڪيترا ته اهڙا آهن، جيڪي نمازن جي پرواهه ئي نه ڪندا آهن. الله پاڪ انهن کي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان جي حال تي رحم فرمائي۔ خير! جيڪي نماز پڙهندا آهن، انهن جو به اهڙو حال آهي ته آيا، نماز پڙهي ۽ هليا ويا، جڏهن ته اسان جي دڪان سان، اسان جي گهر سان، اسان جو تعلق ڪيئن هوندو آهي؟ ان جي بلڪل ابتڙ...!! جيئن اسان جي گهر ۾ دل لڳندي آهي، تيئن مسجد ۾ نه لڳندي آهي.
مسجد سان وابسته رهڻ جي ضرورت ۽ اهميت
پيارا اسلامي ڀائرو! موجوده دور جي وڏن وڏن مسئلن مان هڪ وڏو مسئلو هي آهي ته اسان جي مسجدن سان محبت گهٽجي وئي آهي۔ غور ڪيو! اڄ پوري دنيا ۾ مسلمان قسمين قسمين مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، ظلم ۽ ستم جو شڪار آهن. اسان جو معاشرو ڪهڙي رستي تي هلي رهيو آهي، ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعدي خلافي، ڌوڪي بازي، بي ايماني، تور ۽ ماپ ۾ ڪمي، منافع خوري، قبيلائي جهيڙا، پريشانيون، گهريلو مسئلا، چوريون، ڌاڙا، قتل و غارت گري وغيره ڪيترائي ناسور آهن، جيڪي اسان جي معاشري کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن۔ انهن سڀني مسئلن جي سببن تي جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته ڪيترن ئي سببن مان هڪ اهم ترين سبب پنهنجن مرڪزن يعني مسجدن کان پري هجڻ به آهي. بدقسمتي (Unfortunately) سان مسلمانن جي اڪثريت (Majority) مسجدن کان دور آهي ۽ اها مسجدن کان دوري ئي آهي، جنهن سبب ضمير مرده ٿي رهيا آهن، ماڻهن مان انسانيت (Humanity) ختم ٿي رهي آهي.