Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

منهنجو اشارو مليو اهي سڀئي ماڻهو منهنجي چوڌاري گڏ ٿي ويا.، انهن مان هڪ چيو: حضور! توهان ڳالهايو ڇو نٿا؟ (يعني توهان اسان کي ڪجھ سيکاريو!). حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سندن اها درخواست قبول فرمائي ۽ انهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ شروع فرمائي، پاڻ خواب ئي خواب ۾ هڪ پرتاثير بيان فرمايو. (فتوح الغیب،المقالۃ الخامسۃ عشرۃ فی الخوف و الرجاء،صفحہ:33خلاصۃً۔) جنهن جي برڪت سان انهن سڀني ماڻهن توبه ڪئي ۽ سعادت واري مقام تي پڄي ويا.

( شرح فتوح الغیب،المقالۃ الخامسۃ عشر،صفحہ: 94 خلاصۃً۔)

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي اسان جي غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو...!! ڪهڙي نه سُٺي ننڊ آهي، ڪهڙي نه پياري سُڄاڳي آهي، هن مان خبر پئي ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ، معاشري جي اصلاح ڪرڻ حضُور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي طبيعت جو حصو بڻجي چڪو هيو، ايستائين جو پاڻ ننڊ ۾ هوندا هئا يا سُڄاڳي ۾ هرحالت ۾ بس علمِ دين عام ڪرڻ، ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ، الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ سان ملائڻ ئي جو فڪر رهندو هيو.

ڪاش! اسان کي به اها سعادت ملي، ڪاش اسان جو صرف هڪ ئي مقصد ٿي وڃي: مون کي پنهنجي ۽ سڄِي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي ( اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!)، پوءِ ان مقصد کي کڻي صرف هر وقت سکڻ، سيکارڻ، ٻڌڻ ٻڌائڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ نيڪين جي دعوت عام ڪرڻ ئي ۾ مصروف رهندا ڪيون. گهر هجي، دڪان هجي، بازار هجي يا پاڙو هجي، سفر ۾ هجو يا مقيم، فون تي ڳالهه ٿئي يا سامهون ملاقات ٿئي، هر وقت نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ بنائڻ جي ڌن سوار ٿي وڃي.

نیک بن جائیں ہم، تاجدارِ حرم                        دردِ عِصیاں مِٹے، عادتِ بد چُھٹے

واسِطہ خُلقِ محبوب کا ہے                                  یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے