Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

حُجَّةُ الاسلام حضرت امام اَبُوۡ حَامِد محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي نيڪي جو حڪم ڏي ۽ بُرائي کان منع ڪري ان جي جزا ڇا آهي؟ الله پاڪ ارشاد فرمايو: مان ان جي هر هر ڪلمي جي بدلي هڪ سال جي عبادت جو ثواب لکندو آهيان ۽ ان کي جهنّم جي سزا ڏيڻ ۾ مون کي حياء ايندي آهي.)مکاشفۃ القلوب، صفحہ:48۔(

 سُبْحٰنَ اللہ! جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندؤ ته هر هڪ ڪلمي(لفظ، قول يا ڳالهه) جي بدلي هڪ سال جي عبادت جو ثواب ماڻيندا، فرض ڪيو! اوهان ڪنهن ڏينهن مسجد ۾ صرف هڪ اسلامي ڀاءَ جي سامهون فيضان سُنّت جو درس ڏنو ۽ اُن ۾ 2 صفحا پڙهي ڪري ٻڌايا، هاڻي جيڪڏهن ان ۾ 20 ڳالهيون نيڪي ۽ ڀلائي جون بيان ٿيون ته درس ٻڌڻ وارو اهو اسلامي ڀاءَ ان تي عمل ڪري يا نه ڪري پر اوهان جي اعمالنامي ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 20 سال جي عبادت جو ثواب لکيو ويندو ۽ جيڪڏهن اوهان کان درس ٻڌي ڪري اُن اسلامي ڀاءَ عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته اهو جيستائين عمل ڪندو رهندو اوهان کي به برابر ان عمل ڪرڻ واري جيترو ثواب ملندو رهندو ۽ جيڪڏهن ان اوهان جي درس مان سکيل ڪا سُنت ڪنهن ٻئي تائين پڄائي ته ان جو ثواب ان پڄائڻ واري کي به ملندو ۽ اوهان کي به. اهڙي طرح اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اوهان جو ثواب وڌندو ئي ويندو. نيڪي جي دعوت جو آخرت ۾ ملڻ وارو ثواب انسان جيڪڏهن دنيا ئي ۾ ڏسي وٺي ته ڪا گهڙي به فضول ضايع نه ڪري، هر وقت ئي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندو رهي. (نیکی کی دعوت،صفحہ:230-231ملتقطًا۔)

میں نیکی کی دعوت کی دھومیں مچاؤں                     تو کر ایسا جذبہ عطا یا الہٰی!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد