Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

دُور ہو جائیں دُنیا کے رنج و اَلَم                                                                                    ہو عطا اپنا غم دیجئے چَشمِ نم

مال و دولت کی کثرت کا طالب نہیں                                                    تم پہ ہر دم کروڑوں درود و سلام([1])

          پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف ۾ 6 اعمال جو ذڪر ٿيو (1) سچ ڳالهائڻ (2) امانت ادا ڪرڻ (3) رات جو نماز پڙهڻ (4) گرمي ۾ روزا رکڻ (5) ڪثرت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ (6) رسول ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف پڙهڻ، هي 6 اعمال الله پاڪ جو قرب ڏيارڻ وارا عمل آهن ۽ سُبْحٰنَ اللہ! درود شريف جي فضيلت ڇا بيان ٿي؟ هي اهو پيارو پيارو عمل آهي جيڪو الله پاڪ جو قرب به ڏياريندو آهي ۽ محتاجي، غربت ۽ تنگدستي ۽ بي روزگاري کان به نجات ڏياريندو آهي.

اڄڪلھ مهانگائي هونئن به چُوٽ چڙهي وئي آهي، غريب ڇا، هاڻي ته امير به پريشان آهن، ڪا ڳالھ ناهي، مشڪلاتون انسانن تي ئي اينديون آهن، پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏيو! گهٽين بازارن ۾، دوست احباب جي ويهڪ ۾ مُهانگائي تي روئڻ ڇڏي ڏيو! درود پاڪ پڙهو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! غربت، تنگدستي، بي روزگاري کان به نجات نصيب ٿي ويندي.

اے دِینِ حق کے رَہبر تم پر سلام ہر دَم

میرے شفیعِ محشر تم پر سلام ہر دَم

دُنیا و آخرت میں جب میں رہوں سلامت

پیارے پڑھوں نہ کیونکر تم پر سلام ہر دَم([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:604۔

[2]...ذوقِ نعت،صفحہ:168ملتقطًا۔