Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

ڪامل آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه) فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان ستو پيو هيس، مون خواب ۾ ڏٺو، هڪ جنگل آهي، اُن ۾ هڪ وڏو چبوترو آهي ۽ ڪيترائي اولياءِ ڪرام هن چبوتري تي مراقبي جي حالت ۾(يعني اکيون بند ڪري الله پاڪ جي ياد ۾ گم) ويٺا آهن، هن حلقي جي وچ ۾ حضرت خواجه نقشبند ۽ حضرت خواجه جُنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهما تشريف فرما آهن. حضرت خواجه جُنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي به عجيب ڪيفيت طاري هئي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر شيءِ کان بي خبر ٿي ربّ ڪريم جي ياد ۾ گم هئا. مون ڪنهن کان پڇيو: هي سڀئي اولياء هتي ڇو جمع ٿيا آهن؟ ٻڌايو ويو: مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت علي المرتضيٰ، شيرخدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تشريف کڻي اچڻ وارا آهن، سڀئي انهن جي استقبال جي لاءِ حاضر آهن. اڃا ٿوري ئي دير گذري هئي ته حضرت علي المرتضيٰ شيرخدا
 رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تشريف کڻي آيا، سندن سان گڏ هڪ ٻيو شخص به هيو، پاڻ
رَضِىَ اللهُ عَنْه ان جو هٿ نهايت پيار سان پڪڙي رکيو هيو، پڇڻ تي ٻڌايو ويو: حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه سان جيڪا شخصيت آهي، اها ڪا ٻي نه بلڪ خَیْرُ التَّابِعین (يعني تابعين ۾ بلند رتبو رکڻ وارا، عظيم عاشق رسول) حضرت اويس قرني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ آهن.

حضرت مرزا مظهر جانِ جانان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن جڳھ هڪ خوبصورت ۽ نور سان جڳمڳائيندڙ ڪمرو هيو، حضر علي المرتضيٰ ۽ حضرت اَويس قرني رَضِىَ اللهُ عَنْهُما هن مري ۾ تشريف کڻي ويا. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ويو: اڄڪلھ حضور غوث الثقلين (شيخ عبدالقادر جيلاني) رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرس پاڪ يعني وڏي يارهين شريف آهي، هن قريب ۾ شرڪت جي لاءِ ئي حضرت علي المرتضيٰ ۽ حضرت اَويس قرني رَضِىَ اللهُ عَنْهُما تشريف کڻي آيا آهن. (.کلماتِ طیبات، صفحہ:77۔)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد