Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

تمام سٺو هيو، ماڻهن ۾ مقبوليت هئي، وقت ڏاڍو سٺو گذري رهيو هيو، پوءِ پوڙهائپ اچي وئي، آواز ۾ اهو مزو نه رهيو، هاڻي جڏهن ماڻهن مون کان منهن موڙيو، ته ان مان منهنجي دل ٽٽي پئي ۽ مون اهو ارادو ڪيو ته مان هاڻي جيئرن کي نه بلڪه مئلن کي ڳائڻ ٻڌائيندس. جيئن ته مان قبرستان هليو ويس ۽ اُتي مون ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو، ڪڏهن هِن قبر وٽ ڳائيندو هيس، ته ڪڏهن هُن قبر وٽ ڳائيندو گهمندو وتندو هيس، پوءِ مان هڪ قبر جي ڀرسان ويهي رهيس، ڇا ٿو ڏسان ته اها قبر ڦاٽي، هڪ ماڻهوء جو مٿو ٻاهر نڪتو ۽ چيائين: مُردن کي ڪيستائين ٻڌائيندو رهندي. پنهنجي فرياد وڃي الله پاڪ جي حضور ۾ ٻڌاءِ! اهو تنهنجو سوال پورو فرمائي ڇڏيندو. اُن شخص جي اها ڳالھ ٻڌي ڪري مون تي بيهوشي طاري ٿي وئي. جڏهن مون کي هوش آيو ته عقل پنهنجي جاءِ تي اچي چڪو هيو، جيئن ته مون الله پاڪ جي درٻار ۾ سچي دل سان فرياد ڪئي، اڃا فرياد ڪري ئي رهيو هيس ته اوهان جو خادم اچي پهتو

        اهو واقعو بيان ڪرڻ کان بعد ان پوڙهي پنهنجو موسيقي وارو آلو ٽوڙي ڪري سچي دل سان توبه ڪري ورتي. هن موقعي تي حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اصلاح جا مدني گل ڏيندي فرمايو: اي انسانو! هن شخص فضول ڪم جي نيت ۾ سچائي اپنائي ته الله پاڪ ان جي دامنِ مراد کي ڀري ڇڏيو ته جيڪو شخص پنهنجي تمام حالتن ۾ سچائي کي اختيار ڪري، پنهنجي نيت سچي ڪري ته ان تي الله پاڪ جو ڪيترو ڪرم ٿيندو؟ تنهنڪري توهان سڀني تي لازم آهي ته سچي نيت يعني نيت جي سچائي ۽ باطن جي پاڪيزگي کي اختيار ڪيو! جيڪڏهن هي ٻئي ڳالهيون(سچي نيت ۽ باطن جي صفائي) نه هجي ها ته ڪو به انسان الله پاڪ جو قرب حاصل نه ڪري سگهي ها. ڇا توهان الله پاڪ جو اهو فرمان ناهي ٻڌو: (قلائد الجواہر،صفحہ:27 خلاصۃً۔) آيت وَ اِذَا قُلۡتُمۡ فَاعۡدِلُوۡا ترجموڪنزالعرفان: ۽ جڏهن ڳالھ ڪيو ته عدل ڪيو. (پارہ:8،الانعام:152)