Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

روزي جي پابندي نصيب ٿيندي آهي، * فرض علم سکڻ جي مدني سوچ ملندي آهي، * حلال، حرام جي سڃاڻپ نصيب ٿيندي آهي. * اِحترامِ مسلم ۽ ايماني جذبو نصيب ٿيندو آهي، * شيطان کان حفاظت ٿيندي آهي، * دل ۾ عبادت جو شوق ۽ تِلاوتِ قرآن جو ذوق ملندو آهي. * بُري صحبت کان بچڻ جو ذهن بڻجندو آهي، * دِين جي معلومات حاصل ٿيندي آهي، * گناهن کان توبه نصيب ٿيندي آهي، * دِيني ۽ دنياوي پريشانيون ختم ٿينديون آهن، * انسان جو ڪردار سٺو ٿيندو آهي۔ مطلب ته مريد ٿيڻ جي برڪت سان انسان دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند ٿي ويندو آهي ۔

امير اهل سُنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  کان مريد ٿي ڪري ماڻهن کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا مليا، ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿيون * امير اهل سُنت کان مريد ٿي ڪري عالم بڻجي ويا * مفتي بڻجي ويا * حافظ بڻجي ويا * گهر ۾ ديني ماحول بڻجھي ويو * ڏاڙهيون رکيون ويون * عماما سجي ويا * مديني جي محبت نصيب ٿي وئي * حج جي رغبت ٿي * ڪيترائي حاجي بڻجي ويا  * نعتون پڙهڻ جو * نعتون ٻڌڻ جو شوق نصيب ٿيو * عشق رسول مليو * اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو تعارف ٿيو * غوث پاڪ جو تعارف ٿيو * انهي طرح جيڪڏهن اسان غور ڪندا وڃون ته اهڙيون سوين مثالون ملنديون جيڪي امير اهل سنت جو مريد ٿيڻ جي برڪت سان نصيب ٿيون. الغرض مريد ٿيڻ جي برڪت سان انسان دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند ٿي ويندو آهي.

 اَلحَمۡدُلله! شيخ طريقت، امير اهل سُنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  کي پنهنجي پيرو مرشد حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان بيحد محبت هئي، اچو غوث پاڪ سان سندن محبت جون ڪجھ ايمان افروز جهلڪيون ملاحظه ڪيو:

(1) امير اهل سنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جو تحرير ڪيل نعتيه ديوان وسائل