Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

مصروف آهي. دعوت اسلامي عشق رسول ۽ عشق صحابه ۽ اهل بيت ۽ عشق اولياء جا جام ڀري ڪري پياريندي آهي. حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان پنهنجي روحاني وابستگي مضبوط ڪرڻ، صحابه ۽ اهل بيت ۽ اولياءِ ڪرام جي مَحبت دل ۾ ويهارڻ جي لاءِ اوهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ معاشري جي اصلاح جي جذبي سان 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺڻ شروع ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هفتيوار هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھ خدا ۾ به آهي. * پهريان هن ديني ڪم کي يومِ تعطيل اعتڪاف چيو ويندو هو، هاڻي هن ديني ڪم کي هڪ ڏينهن راھ خدا ۾ چيو وڃي ٿو. الحمد لله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول ڳوٺن ٻهراڻين ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن. * جمعي يا آچر واري ڏينهن اسلامي ڀائر اهڙن علائقن ۽ ڳوٺن جي اطراف ۾ ويندا آهن. جتي 12 ديني ڪم شروع ڪرڻ يا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حاجت هوندي آهي * اُتي مسجد ۾ قيام ڪيو ويندو آهي.
 * طئي ڪيل جدول جي مطابق ڪنهن هڪ نماز کان بعد مسجد کان ٻاهر وڃي ويجهي گهرن ۽ دڪانن تي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي. * عاشقانِ رسول کي هٿو هٿ مسجد ۾ اچڻ جي ترغب ڏياري ويندي آهي مثال طور * اچو! اوهان به اسان سان گڏ مسجد هلو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! . * علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو. * نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو. * راھِ خدا ۾ نڪرڻ جي سعادت ملندي. حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪو قدم راھِ خدا ۾ خاڪ هاڻو ٿيندو، ان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي.(مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356خلاصۃً۔). * جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ