Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

توهان تحفو ملڻ سان خوش ٿيندا آهيو، ايئن ئي مري ويل هن (ايصالِ ثواب) کان خوش ٿيندا آهن. (عمدۃ القاری، کتاب الجنائز، باب موت الفجاۃ البغتۃ، جلد:6، صفحہ:305، تحت الحدیث:1388۔)

 سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ غوث پاڪ! اسان يارهين شريف جو اهتمام ڪيون، حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ ايصالِ ثواب ڪيون، هن سان غوث پاڪ اسان سان خوش ٿي وڃن ته اسان کي ٻيو ڇا گهرجي..!!

رکھتا ہے جو غوثِ اعظم سے نیاز                   ہوتا ہے خوش اس سے مولیٰ بےنیاز([1])

        حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪو شخص هر چنڊ جي يارهين رات تي مقرر (يعني مخصوص ڪيل) پيسن مان مسلمان جي دڪان تان مٺائي خريد ڪري يارهين جي فاتحه ڏيندو ڪري ته روزيءَ ۾ تمام گهڻي برڪت ٿيندي، ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪڏهن به پريشانيءَ ۾ مبتلا نه ٿيندو، مان پاڻ ان جو سخت پابند آهيان ۽ الله پاڪ جي فضل سان ان جون بيشمار فضيلتون محسوس ڪيان ٿو.( اسلامی زندگی، صفحہ:132خلاصۃً۔)

ہوں گی آساں ساری تیری مشکلیں                          صدقِ دِل سے غوث کی کر دے نیاز

ہے فضیلت گیارہویں تاریخ میں                             اس لئے افضل ہے اس میں دے نیاز

ساز و ساماں کی نہیں تخصیص کچھ                                جو میسر ہو اسی پر دے نیاز([2])

 اَلحَمۡدُلله! عاشقِ غوث پاڪ شيخ طريقت، امير اهلسنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد به آهن ۽ غوث پاڪ سان بي پناھ محبت رکن ٿا، سندن ڪيترن ئي سالن کان اهو معمول آهي ته هر اسلامي مهيني جي يارهين جي رات تي يارهين شريف جي نياز جو اهتمام ڪندا آهن ۽ ان جي


 

 



[1]...قبالہ بخشش، صفحہ:142۔

[2]...قبالہ بخشش، صفحہ:142۔