Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  شيخ ابو حَفۡص ڪاغذي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  هڪ عظيم بزرگ ٿي گذريا آهن، جڏهن سندن انتقال ٿيو ته ڪجھ ڏينهن کان بعد پنهنجي ڪنهن دوست جي خواب ۾ تشريف وٺي آيا، دوست پڇيو: ڇا حال احوال آهي؟ قبر ۾ ڇا معاملو ٿيو؟ فرمايائون: مون تي وڏو ڪرم ٿيو، واقعو هيئن پيش آيو جو جڏهن مون کي قبر ۾ دفن ڪيو ويو ته مُنڪر نَڪِير (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارا ملائڪَ) پهچي ويا، انهن مون کي اٿاري ويهاريو ۽ سوال پڇڻ لڳا، ايتري ۾ الله پاڪ جو فرمان آيو: اي ملائڪو! ترسو...!! ملائڪ رڪجي ويا. هاڻي حڪم ٿيو: هن ٻانهي جا گناھ ڳڻيو! ملائڪن منهنجا گناھ شُمار ڪيا، هاڻي ته مان ڊڄي ويُس ته ايترن گناھن هوندي مان ڪيئن بخشيو ويندُس. هوڏانهن ملائڪن کي حڪم ٿيو: هن ٻانهي دنيا ۾ اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي جيڪي دُرود شريف پڙهيا آهن، هاڻي انهن کي ڳڻيو! ملائڪن منهنجا پڙهيل دُرودِ پاڪ ڳڻڻ شروع ڪيا. خوش قِسمتي سان منهنجا پڙهيل دُرودِ پاڪ گناھن کان گهڻا هئا. بهرحال ملائڪن کي حڪم ٿيو: حَسْبُکُمْ یَامَلَائِکَتِیْ! اي منهنجا ملائڪو! ايترو ئي حساب ڪافي آهي. اِذْہَبُوْا بِہٖ اِلٰی جَنَّتِیْ هن