Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

گاھن جي هئي، انهن کي به جهنّم ۾ وڃڻ تائين هي عذاب ڏنو ويندو ۽ (چوٿين منظر ۾) جيڪي چريا ماڻهو اوهان ڏٺا اهي قومِ لوط جهڙو خراب ڪم ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارا هئا، اهي به جهنّم ۾ وڌو وڃڻ تائين ان عذاب ۾ گرفتار رهندا ۽ (پنجين مقام تي اهو) باھ سان ڀريل زمين اندر قيد خانو جهنّم هو.[1]

دردناڪ عذابات

 حضرت ابو سعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: منهنجو گذر هڪ اهڙي دسترخوان وٽان ٿيو جنهن تي ڀُڳل گوشت هو پر اتي ڪير به نه هو ۽ سامهون ٻئي دسترخوان تي سڙيل بدبودار گوشت هو جنهن کي کوڙ ماڻهو کائي رهيا هئا، مون پڇيو: جبريل هي ڪير ماڻهو آهن؟ انهن ٻڌايو ته هي اوهان جي اُمّت جا اهي ماڻهو آهن جيڪي حلال کي ڇڏي ڪري حرام ڏانهن وڌندا هئا، پوءِ مان اڳتي وڌيس ته اهڙا ماڻهو ڏٺا جن جا پيٽ ڪوٺِين جيان وڏا وڏا هئا، انهن مان ڪو اٿڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته منهن ڀر ڪِري پوندو هو ۽ چوندو هو: اي منهنجا ربّ! قيامت قائم نه فرماءِ.  مون بارگاھِ الاهي ۾ انهن جون دانهون ٻڌيون ته حضرت جبرائيل عَلَيه السَّلَام کان پڇيو هي ڪير ماڻهو آهن؟ چيائين: هي اوهان جي اُمّت جا وياج کائيندڙ آهن.* پوءِ ڪجھ اڳتي وڌيس ته اهڙا ماڻهو نظر آيا جن جا چپَ اُٺ جي چپن جيان هئا ۽ انهن جا وات کولي ڪري انهن کي ٽانڊا کارايا پئي ويا، مون پڇيو: هي ڪير آهن؟ انهن چيو: هي اوهان جي امّت جا اهي ماڻهو آهن جيڪي ناحق يتيمن جو حق کائيندا هئا. پوءِ اڳتي هلي ڪري ڪجھ عورتون ڏٺيون جيڪي پنهنجي سينن سان لڙڪيل هيون، منهنجي پڇڻ تي حضرت جبرائيل عَلَيه السَّلَام ٻڌايو ته هي زاني عورتون آهن. پوءِ اڳتي وڌيس ته اهڙا ماڻهو ڏٺا جن جي رانن مان گوشت ڪٽي ڪري انهن کي کارايو وڃي رهيو هو ۽ چيو وڃي رهيو هو: کائو جهڙيءَ طرح پنهنجي ڀاءُ جو گوشت کائيندا هئا. مون انهن جي باري ۾ پڇيو ته حضرت جبرائيل عَلَيه السَّلَام ٻڌايو:


 

 



[1]...تاریخ دِمشق، جلد:19، صفحہ:451۔