Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

ڪفّارو بڻجي ويندو * روزيدار جي چهري کي الله پاڪ جهنّم کان 70 سالن جي مسافت تائين پري ڪري ڇڏيندو.[1]

   جيڪو نادان ڪنهن شرعي مجبوري جي بغير رمضان جو روزو ڇڏي ڏيندو آهي اهو سخت گنھگار ۽ عذابِ نار جو حقدار آهي. روايتن جي مطابق جيڪو شرعي مجبوري جي بغير رمضان شريف جو هڪ روزو ضايع ڪري ڇڏي ته هاڻي سڄي عُمر روزو رکندو رهي، تڏهن به ان ڇڏيل هڪ روزي جي فضيلت نه ٿو ماڻي سگهي.[2]

 الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان کي پنهنجي قهر ۽ غضب کان بچائي، ماھِ رمضانُ المبارڪ جا پورا روزا خوش دلي سان، ذوق ۽ شوق سان رکڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

اعتڪاف جا ڪجھ فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ دنيا ڀَر ۾ هزارين مقامن تي اجتماعي اعتڪاف ڪرايو ويندو آهي، اعتڪاف گناھن کان بچڻ ۽ ماھِ رمضان نيڪين ۾ گذارڻ جو بهترين ذريعو آهي، هاڻي کان مڪمل ماھِ رمضان يا گهٽ ۾ گهٽ آخري ڏهاڪي جي اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ جي نيّت ڪري وٺو!  *  اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه طيبه، طاهره
 رَضِىَ اللهُ عَنْها کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ  يعني جنهن ايمان جي حالت ۾ ۽ ثواب جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا پويان گناھ بخشيا ويندا.[3] * هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: جنهن رمضانُ المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف


 

 



[1] فیضان رمضان ، صفحہ:84تا86 ماخوذاً۔

[2] فیضان رمضان ، صفحہ:88 تا89 ماخوذاً ۔

[3] جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480۔