Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

اهي توکي ٻڌائيندا ته ان جي عزّت ۽ شوڪت ڪيڏانهن هلي وئي...!![1]

   الله! الله! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هي حقيقت آهي مٿان کان قبر کي ڪيترو به خوبصورت بڻايو وڃي پر ان جي اندر جو حال اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو جيڪو ان جي اندر آهي. حضرت شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

جُیُونْدَے کِیْ جَانَنْ سَار مَوْیَاں دِیْ                                                     سَو جَانَے جَو مَردَا ہُو

قَبْرَاں دَے وِچْ اَنْ نَہ پانی                                                                                    اَوْتھے خَرْچ لَوڑِیْنْدَے گھر دَا ہُو

اِکْ وِچَھوْڑا مَاں، پَیُوْ، بَھائِیَاں                                                                       دُوجا عَذَاب قَبر دَا ہُو

واہ نَصِیْب اُنْہَانْدَے بَاہُو                                                                                           جِہْڑا  وِچْ  حیاتی  مَردا  ہُو([2])

وضاحت: زندھ ماڻهو قبر وارن جا حالَ ڇا ڄاڻين هي ته اهو ئي ڄاڻي ٿو جيڪو مري ڪري قبر ۾ لهندو آهي، قبر ۾ نه کاڌو آهي، نه پاڻي آهي، اتي بس پنهنجي ڪمائي ئي ڪم اچي سگهي ٿي، قبر ۾ مُردي کي ڪيئي قِسمن جا صدما هوندا آهن، ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ڀائرن جي جُدائي جو غم الگ آهي، پوءِ قبر جي عذاب جو خطرو جُدا ستائي رهيو هوندو آهي، خوش نصيب ته اهو آهي جيڪو هن دنيا ۾ ئي پنهنجي خواهشن کي ماري ڪري الله ۽ رسول جو فرمانبردار بڻجي ويندو آهي.

قبر جو معاملو آسان ناهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي سامهون ماڻهن کي مرندي ڏٺو هوندو پر ياد رکو! مرڻ آسان ناهي، *  اسان پنهنجي هٿن سان ميت کي ڪفن پارايو هوندو، ڪفن پارائڻ آسان آهي، پر پائڻ آسان ناهي، * اسان جنازي کي ڪلهو ڏنو هوندو پر جنازي جي کٽَ تي سمهي ڪري 4 ڪلهن تي سوار ٿيڻ آسان ناهي، اسان ڪيئي ماڻهن کي قبرن ۾ لاٿو هوندو ياد رکو! قبر ۾ لاهڻ آسان آهي پر قبر ۾


 

 



[1]..  موسوعہ ابن ابی الدنیا، کتاب ا لقبور، جلد:6، صفحہ:120، رقم:267۔

[2]..  کلامِ باہو، صفحہ:34۔