Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

الله پاڪ اڄوڪي هن برڪت واري رات جي صدقي اسان سڀني کي مغفرت جي خيرات نصيب فرمائي * سچي توبھ جي توفيق ملي * گناھن کان نفرت ٿئي* نيڪين جي ڪثرت ڪيون * الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا اڄوڪي رات اسان سڀني کي نصيب ٿي وڃي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

لوهي چهري وارو شخص

     پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ته هڪ عبرتناڪ واقعو ٻڌي عبرت حاصل ڪريون. حضرت مَرثَد بن حَوۡشَب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان حضرت يوسف بن عَمرو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، انهن وٽ هڪ عجيب شخص ويٺل هو، جنهن جي چهري جو ڪجھ حصو لوھ جو هو. ان شخص پنهنجو قصو بيان ڪندي چيو: منهنجي جواني جا ڏينهن هئا، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ طاعون پکڙجي ويو (ماڻهن جو وڏو انگ مرڻ لڳو)، مون سوچيو ته مان قبرون کوٽيندڙ بڻجي وڃان ٿو (يعني قبرُن کوٽڻ جو ڪم ڪريان ٿو). جيئن ته مان قبرون کوٽڻ لڳس. هڪ ڀيري مغرب ۽ عشاء جو درمياني وقت هو، مون قبر کوٽي تيار ڪئي ۽ ويجهو ئي ويهي رهيس. اوتري ۾ جنازو اچي ويو، اسان ميت کي دفن ڪيو، مٿان مٽي وڌي ۽ سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا. مان اڃان اتي ئي موجود هيس ته اوتري ۾اُٺَ جهڙي جَسامت وارا ٻه وڏا وڏا اڇي رنگ جا پکي آيا ۽ ان نئين قبر وٽ لٿا. هاڻي هڪ پکي ان جي مٿن کان هو، ٻيو پيرن جي طرف کان هو. انهن ٻنهي قبر کوٽي ۽ هڪ پکي قبر جي اندر لهي ويو. مان نهايت حيراني سان ويهي هي سڄو ماجرو ڏسي رهيو هيس. ان پکيءَ هن ميّت کي هڪ زوردار چنبو هنيو ۽ چيو: تون اهو ئي آهين جيڪو چمڪدار لباس پائيندو ۽ ان کي تڪبر سان