Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

جهنّم کان ڇوٽڪاري واري رات

   الله پاڪ اسان کي اڄوڪي رات جو قدر ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. حديثِ پاڪ جي مطابق هن رات بَنو ڪَلۡب جي ٻڪرين جي وارن جي برابر گنھگارن کي جهنّم کان آزاد ڪيو ويندو آهي،[1] بَنُو ڪَلب عرب جو هڪ قبيلو هو، ڪتابن ۾ لکيل آهي: اهي ماڻهو ٻڪريون تمام گهڻيون پاليندا هئا.[2]

آج کی رات نہ غفلت میں گزاری جائے             رَبِّ اکبر کی کرو حمد وثنا آج کی رات

    سُبْحٰنَ اللہ! هڪ ٻڪري جي جسم تي ڪيترا وارَ هوندا آهن، ڪير ٿو انهن جي ڳڻپ ڪري سگهي؟ معلوم ٿيو اڄوڪي رات هزارين، لکين بلڪه ڪروڙين ماڻهن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي پر 10 بدبخت اهڙا آهن جن جي هن رات به بخشش ناهي ٿيندي: (1): شراب جو عادي (2): ماءُ پيءُ جو نافرمان (3): زِنا جو عادي (4): رشتا ٽوڙڻ وارو (5): تصوير بڻائڻ وارو (6): ۽ چغلخور.[3] (7): ڪاهِن (يعني نجومي) (8): جادوگر (9): تڪبر سان شلوار يا گوڏ ڀيڏِن کان هيٺ لڙڪائڻ وارو (10): مسلمان کان بنا اجازتِ شرعي بغض ۽ ڪينو رکڻ (يعني دل ۾ دشمني لڪائڻ) وارو به هن رات مغفرت جي سعادت کان محروم رهندو آهي.[4]

مغفرت کا ہوں تجھ سے سُوالی                                                                   پھیرنا اپنے دَر سے نہ خالی

مجھ گنہگار کی التجا ہے                                                                                                                        یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

نارِ دوزخ سے مجھ کو اماں دے                                                               مغفرت کر کے باغِ جِناں دے

کر دے رَحْمت مری التجا ہے                                                                       یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([5])


 

 



[1]...شعب الايمان، باب فی الصیام، ما جاء فی لیلۃ النصف من شعبان، جلد:3، صفحہ:384، حدیث:3837۔

[2]...مِرْقاۃ المفاتیح ، کتابُ الصَّلاۃ، باب قیام شہر رمضان، جلد:3، صفحہ:339، تحت الحدیث:1299۔

[3]...فضائلُ الْاَوقات،  باب فی لیلۃ النصف من شعبان، صفحہ:33، حدیث:36۔

[4]...آقا کا مہینا، صفحہ:11۔

[5]...وسائل بخشش، صفحہ:136 ملتقطًا۔