Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

۾ پيدا ٿي ويو، ان کي قبر ۾ لهڻو ۽ پنهنجي ڪرتوتن جو بدلو ڀوڳڻو آهي.

(کٹائی  کے وقت)بونے والے جو بوئیں وہ کاٹیں                                                                                 یہ ہوا تو میں مَرْ مِٹا یاربّ!

آہ جو بو چکا ہوں وقت دِرَوْ                                                                                                           ہو گا حسرت کا سامنا یاربّ!

مجھے دونوں جہاں کے غم سے بچا                                                                                          شاد   رکھ   شاد   دائما   یاربّ!([1])

صندوق ۾ باھ ڀڙڪي پئي

   چون ٿا: هڪ بادشاھ هو، ان جو جڏهن آخري وقت آيو ته ان پنهنجي پٽن کي گهرائي هڪ عجيب وصيت ڪئي، چوڻ لڳو: جڏهن مان مري وڃان ته لوھي تابوت ٺهرائجو، پوءِ منهنجي لاش کي ان تابوت ۾ رکي ڪري هڪ لوهي صندوق ۾ رکي ڇڏجو، پوءِ ان صندوق کي دفن نه ڪجو بلڪه هڪ ڪمري ۾ ڇت سان لٽڪائي ڇڏجو ته جيئن مان قبر جي عذاب کان محفوظ رهان (يعني ان جو مقصد هو ته نه مان قبر ۾ لهندُس، نه اتان جي تنگي ۽ وحشت جو منهن ڏسڻو پوندو، نه ئي قبر ۾ عذاب سهڻو پوندو).

   پٽن وصيت تي عمل ڪيو، جڏهن بادشاھ جو انتقال ٿي ويو ته لوهي تابوت ٺهرايو ويو، ان جي اندر بادشاھ جي لاش کي رکي ڪري، ان تابوت کي لوھ جي هڪ وڏي صندوق ۾ رکيو ويو، پوءِ ان صندوق کي زنجير وغيره جي ذريعي ڪمري ۾ لٽڪائي ڪري ڪمرو بند ڪيو ويو. هاڻي جڏهن رات ٿي ته اوچتو ڪمري مان ڪجھ آوازَ اچڻ لڳا، پٽَ ڪمري ڏانهن ڊوڙيا، دروازو کولي ڏٺائون ته صندوق لُڏي رهي هُئي، انهن صندوق کي هيٺ لاٿو، کوليائون ته هي ڏسي ڪري حيران ٿي ويا ته صندوق جي اندر تابوت آهي، ان تابوت جي اندر بادشاھ جي لاش مٿان هڪ خوفناڪ نانگ ويٺو آهي ۽ ان جي چهري کي ڏنگي رهيو آهي، (ظاهري طور حيران ٿيڻ جي ڳالھ هئي جو صندوق جي اندر وڃڻ جو ڪو رستو ڪو


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:86 ملتقطًا۔