Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

   * هاڻي هي (يعني موت کان قيامت تائين جو عرصو) مٽي جي هيٺان گذريو ته اها قبر آهي * ڪنهن کي شينهن وغيره جانور چيري کائي ويو ته اها ان جي قبر شُمار ٿيندي  * ڪو سمنڊ ۾ ٻڏي ڪري مري ويو ته اها ئي قبر سمجهي ويندي * مطلب ته مرڻ کان بعد انسان جتي به آهي  * جهڙيءَ به حالت ۾ آهي، الله پاڪ هي قدرت رکي ٿو ته ان کي ان جي عملن جي جزا يا سزا ڏي. تنهنڪري عالَمِ برزخ به حق آهي ۽ اتان جي جزا يا سزا جو معاملو به بلڪل حق، سچ آهي.

آخرت کی فکر کرنی ہے ضرور                                                                                         جیسی کرنی،ویسی بھرنی ہے ضرور

عمر اک دن یہ گزرنی ہے ضرور                                                                                 قبر میں میت اترنی ہے ضرور

عالَمِ برزخ دنياوي زندگي جو نتيجو آهي

   اي عاشقانِ رسول! عالمِ برزخ ۾ اسان کي قيامت تائين رهڻو آهي، اتي هر هڪ جو ٺڪاڻو ان جي دنياوي ڪيل عملن جي مطابق هوندو، جيڪو هن دنيا ۾ نيڪ آهي، ان کي برزخ جي زندگي ۾* عزت * عظمت * ۽ سڪون ۽ راحت سان نوازيو ويندو ۽ جيڪو هن دنيا ۾* گناھگار آهي* نمازون قضا ڪرڻ وارو آهي * رمضانُ المبارڪ جا روزا ڇڏڻ وارو آهي *  ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارو آهي
* مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ وارو آهي* ڏاڙهي ڪوڙائڻ وارو يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ وارو آهي* وياج جي ڏي وٺ ڪرڻ يا خريد و فروخت ۾ دوکو ڪرڻ وارو آهي، برزخ جي زندگي ۾ ان جو حال نهايت بُرو ٿيندو. هاءِ! جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت کان محروم رهجي وياسين ته قبر ۾ باھ به ڀڙڪي سگهي ٿي، نانگ وڇون به اچي سگهن ٿا، اسان جو هي خوبصورت جسم ڪيڙن ماڪوڙن جي خوراڪ به بڻجي سگهي ٿو. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو: