Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

موجود هيس ۽ ٽي وي تي هلڻ واري فلمي منظرن ۾ گم هيس ته ايتري ۾ سنتن ڀريو لباس پاتل هڪ اسلامي ڀاءُ منهنجي ويجهو آيو ۽ گرم جوشي سان مصافحو ڪرڻ کان بعد چوڻ لڳو: پيارا ڀاءَ ٻاهر چوڪ درس ٿي رهيو آهي. اوهان ڪجھ منٽ عطا فرمايو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  کوڙ نيڪين جو خزانو هٿ ايندو. مان ان جي خوش اخلاقي ۽ ملنساري سان متاثر ٿي ڪري هٿو هٿ ان سان گڏ هلي پيس. هوٽل جي ٻاهر هڪ اسلامي ڀاءُ فيضان سُنت مان درس ڏئي رهيو هو، ٻين اسلامي ڀائرن جيان مان به درس ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويس، درس ٻُڌي ڪري منهنجي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيو ۽ مون سچي دل سان توبه ڪئي ۽ اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪئي، جنهن جي بدولت ڪڏهن سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت، ته ڪڏهن مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر نصيب ٿيڻ لڳو. آهسته آهسته مان ديني ماحول جي ويجهو ٿيندو ويس، آخرڪار هوٽلن جي زِينَت بڻجڻ وارو نوجوان درس جي برڪت سان اڄ اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول سان گڏجي مسجد ۾ رات گذارڻ وارو بڻجي ويو.

عطائے حبیبِ خدا مَدنی ماحول                                                                      ہے فَیضانِ غوث و رضا مَدنی ماحول

سَنور جائے گی آخرت ان شاء اللہ                                                   تم   اپنائے   رکّھو   سدا     مَدنی   ماحول ([1])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

نوٽ: هاڻي مدني ماحول جي بدران ديني ماحول اصطلاح آهي.

فيضانِ حديث (Faizan e Hadees) موبائل ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، ان سلسلي ۾ الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان تمام


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:646 ملتقطاً۔