Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

   الله اڪبر! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هنن روايتن تي ٿورو عبرت جي نگاھ سان غور فرمايو! ڪيتري قدر هولناڪ منظر آهن، ڪٿي اهو شخص آهي جنهن جو مٿو پٿر سان چٿريو پيو وڃي * ڪنهن جون ڄاڙيون لوھ جي شِيخَ سان چيريون پيون وڃن * ڪجھ کي ديڳڙي جيان اٻرندڙ پاڻي جي نهر ۾ غوطا ڏنا پيا وڃن * ڪنهن جي جسم ۾ باھ ڦوڪي پئي وڃي * ڪجھ کي سڙيل، بدبودار گوشت کارايو پيو وڃي * ڪجھ کي ٽانڊا کارايا پيا وڃن * ڪجھ اهڙا آهن جو انهن جي رانُن مان گوشت ڪٽي ڪري انهن کي کارايو پيو وڃي. ڇا هي اهڙا عذابَ آهن جن کي اسان برداشت ڪري سگهنداسين...!! هاءِ! ڪنهن ۾ همّت آهي، ڪير اهڙي طاقت رکي ٿو...!! پر افسوس!  * اسان سڌرون نه ٿا * اسان ڊڄون نه ٿا * گناھ ۽ نافرماني جي ڳالھ هجي * عيش عشرت ۽ فضول ڪمن (Useless Activities) جي ڳالھ هجي ته اڄ ۽ هاڻي ئي تيار آهيون جيڪڏهن توبھ جي ڳالھ اچي وڃي ته نٽائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون. ڪاش! اسان کي خوفِ خُدا نصيب ٿي وڃي، ڪاش! قبر و آخرت جو فڪر نصيب ٿي وڃي.

یاخدا میری مغفرت فرما                                                                                                             باغِ فِردوس مَرحَمَت فرما

تُو گناہوں کو کر مُعاف اللہ!                                                                                                   میری مقبول معذِرت فرما

مصطَفٰے کا وسیلہ توبہ پر                                                                                                                           تُو عنایت مُداوَمَت فرما

قبر جنّت جو باغ يا دوزخ جو کَڏو هوندي

  حضرت ابو سعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لذتن کي ختم ڪرڻ واري موت کي ڪثرت سان ياد ڪيو ڇوته قبر روزانو پڪاري ڪري چوندي آهي: * مان اَجۡنَبِيت جو گهر آهيان، * مان اڪيلائي جو گهر آهيان، * مان مٽيءَ جو گهر آهيان  * ۽ مان