Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

سالن جو قيام به ڪجھ گهڙين ۾ گذري ويندو آهي. الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته ان شاءالله الڪريم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: *   عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *     بيان جا اهم نڪتا لکندس *  جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   اي عاشقانِ رسول! اڄُ شعبانُ المُعظم جي 15 هين رات يعني شبِ بَراءَت آهي * نهايت برڪتن واري  *  عظمتن واري * ڀلائين واري رات آهي * اڄوڪي رات دعائون قبول ٿينديون آهن * روزي ورهائي ويندي آهي * ۽ سڄي سال جي رزق جو اڄوڪي رات فيصلو ٿيندو آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن شعبان جي وچين رات (يعني 15 هين) رات اچي ته ان رات قيام (يعني عبادت) ڪريو، ڏينهن


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔