Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

ڪري ورتو اهو اهڙو آهي ڄڻ 2 حج ۽ 2 عُمرا ڪيا.[1]

پاڪستان ۾ هن سال 26 هنڌن تي سڄي رمضان مهيني جو اعتڪاف ٿيندو، پنهنجي شهر جي ذميدارن کان هن جي معلومات حاصل ڪري فوري طور تي اعتڪاف فارم جمع ڪرايو.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  درس

   پيارا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ امّت کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي، اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ به عملي طور حصو وٺندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درس به آهي. درس ڏيڻ يا ٻڌڻ نيڪ اعمال (رسالي) مان هڪ نيڪ عمل به آهي اوهان به هن ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو. ايتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو * نيڪ صحبت ۾ رهڻ نصيب ٿيندو* گهر کان ئي درس ۾ شرڪت ڪرڻ جي نيّت ڪري هلنداسين ته راھ علمِ دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  مخلوقات ايستائين جو درياء جون مڇيون به دعا ڪنديون.

هوٽل جي زينت بڻجڻ وارو نوجوان

  حيدرآباد، سندھ جو مقيم هڪ اسلامي ڀاءَ پنهنجو واقعو هيئن بيان ڪري ٿو: مان گناهن ۾ايتري قدر ڦاٿل هيس جو مون کي پنهنجي زندگي جي قيمتي گهڙين جي برباد ٿيڻ جو بلڪل احساس نه هو، معمول مطابق ان ڏينهن به مان هوٽل ۾


 

 



[1] جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479۔