Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

انهن مان هر هڪ نانگُ ست مُنڍين وارو هوندو. هي 99 نانگَ قيامت تائين ڏنگيندا رهندا.[1]

   الله اڪبر! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور فرمايو! ڪيڏو هولناڪ منظر هوندو...!! ستن منڍين وارو خوفناڪ نانگ ۽ صرف هڪ ٻه نه بلڪه ڪُل 99 نانگ هوندا، الله! الله! هي ڪيتري قدر خوفناڪ منظر آهي. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. يقين ڪيو! قبر جو معاملو آسان ناهي.

قبر پهرين منزل آهي

منقول آهي: قبر روزانو 7 ڀيرا پڪاريندي ۽ هي اعلان ڪندي آهي:   * اي ڪمزور انسان! مون وٽ اچڻ کان پهريان ئي هن ئي دنيا ۾ پاڻ تي رحم ڪر، بيشڪ جڏهن تون مون وٽ ايندي ته جيڪڏهن تون پنهنجي ربَّ جو فرمانبردار هوندي ته مان توتي رحم ڪنديس، تون مون ۾ خوشي ڏسندي ۽ جيڪڏهن تو پاڻ تي رحم نه ڪيو، مان به توتي رحم نه ڪنديس * (اي ڪمزور انسان!)   * مان ڪيڙن ماڪوڙن جو گهر آهيان ۽ ان سان گڏوگڏ ڊگهي عرصي تائين شرمندگي به آهي * مان وحشت ۽ اڪيلائي جو گهر آهيان، ان سان گڏوگڏ شدّت ۽ سختي به آهي* مان اُڃ جو گهر آهيان، ان سان گڏوگڏ هولناڪ انڌيرو به آهي  * مان تنگي جو گهر آهيان، ان سان گڏوگڏ خوفناڪ وڇون به آهن.   * اي ابنِ آدم! خبردار! توکي دنياوي زندگي دوکي ۾ نه وجهي! بيشڪ توکي مون ۾ اچڻو آهي * مان آخرت جي منزلن ۾ پهرين منزل آهيان، جيڪڏهن تو مون کان نجات ماڻي ته هر خوفناڪ مرحلي کان نجات ماڻي وٺندين.  * اي ابنِ آدم! مان غضب جو مقام آهيان * مان ڪنهن جوان جي جواني تي * ڪنهن ننڍي جي ننڍي هجڻ تي ۽ ڪنهن پوڙهي جي پوڙهائپ تي رحم ناهيان ڪندي. ها! ها! مان ان تي رحم


 

 



[1]...  اھوال القبور، الباب السادس فی ذکر عذاب...الخ، فصل انواع عذاب القبر، صفحہ:95۔